سيوهڻ (ن پ ا) يونين ڪائونسل بوبڪ جي ڳوٺ  سهتا سيئنچ جو رهواسي شمن ڏيٿو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو،  فوتي جو لاش ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪڍي  اسپتال پھچايو، جتي فوتي جي وارثن ٻڌايو ڪالهه شام کان اسان جو همراھ گم هو،  اسان ريسڪيو ٽيم کي اطلاع ڪيو پر انهن چيو اسان جو اهو ڪم ناهي، جنهن بعد اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙي گهرائي لاش ڳولي پاڻي مان ڪڍيو آهي.