سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ جي بودلو بهار  پاڙي  ۾ رھندڙ سڪندر تيوڻي پريس ڪلب پھچي ڪندي ٻڌايو ته ڀاء عباس تيوڻي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو آهي. عباس تيوڻو جوابدار پهلوان ۽ شعبان کي پاڻ سان گڏ وٺي منهنجي گهر تي حملو ڪيو ۽ مونتي  ۽ منهنجي گهر واري مسمات  صنم ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ بعد اسانکي  گهر مان زوري  ڪڍي ڇڏيو ۽ گهر تي زوري قبضو ڪيو آھي پوليس اسانجي ھڪ به نه ٻڌي. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.