سيوهڻ: سيوھڻ پوليس 5 ڏينهن اڳ درگاهه قلندر جي مک داخلي دروازي تي حملو ڪري درگاهه جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري پوليس تي حملي ڪيس جي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن کي سيوھڻ جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت درگاهه حملي ڪيس جي ٽنھي جوابدارن کي ھڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪرڻ بعد ڪيس دھشتگردي ڪورٽ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٽنھي جوابدارن واقعي جي مک ماسٽر مائينڊ ساھيوال واسي جوابدار محمد لطيف ڀٽي، سيوھڻ واسي اعجاز علي چانڊيو ۽ راهب ڪنڀر کي سڀاڻي اربع ڏينهن اي ٽي سي حيدرآباد ۾ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو. ٻئي طرف سيوھڻ جي ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو جو چوڻ آھي ته ٽنھي جوابدارن کي درگاھ جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جوابدارن کي واقعي واري ڏھاڙي تي پوليس مٿان پٿراءُ ڪندي ڏٺو ويو آھي. ھن حملي جو ماسٽر مائينڊ پنجاب جي علائقي ساھيوال واسي محمد لطيف ڀٽي آھي ۽ اھو ئي فساد جي جڙ ظاهر ٿيو آھي، ان بعد ڳولا ڪري ٽنھي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اسان جي جاچ جاري آھي ۽ جلد حملي ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.