سيوھڻ(ن پ ا)  سيوھڻ تعلقي جي 6 يونين ڪاونسلن ٽلٽي،  آراضي، بوبڪ، جعفرآباد، چنا ۽ واھڙ ۾ چار کان پنج فٽ ٻوڏ جو پاڻي ڏيڊ مھينو گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيڻ خلاف متاثر ڳوٺن بھرام ڪٽوھڙ، اميد علي ڪٽوھڙ، ڪوٽ لاشاري، ڳوٺ مياڻي محمد عيسي، ڪوڙو خان بروھي،  پريل بروھي، ڳوٺ وارث مري ۽ ڳوٺ مراد خان چانڊيو سميت آس پاس جي ڳوٺاڻن پاران 2 ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا جنھن ۾ ڄاڻايل يوسين جي متاثر آبادگار ڳوٺاڻن سيوھڻ ڊگري ڪاليج وٽ انڊس ھاء وي تي پھچي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي جنهن سبب سيوھڻ حيدرآباد ۽ دادو کان ايندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ٻيو احتجاج متاثر ڳوٺاڻن پاران سيوھڻ پريس ڪلب آڏو ڪيو ويو ان موقعي تي قمرالدين ڪٽوھڙ، رئس ارباب خان لاشاري، محمد رمضان بروھي، وزير حسين ملاح، غلام ياسين لاشاري، نبي بخش لاکو ۽ ٻين چيو تـ اسانجي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي 5 کان 6 فٽ ٻيٺل آھي جنهن سبب اسان ڪافي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھون ۽ اسان آبادگار چيٽ جي فصل جي پوکائي بـ نٿا ڪري سگھون پر آبپاشي کاتي جي انتظاميا 2 مھينا گذرڻ باوجود سندن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائي نه سگهي آهي جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون. ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ تڪ جي چونڊيل ايم اين اي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تـ جلد سم نالي جي بند ڪيل موري کي کولي ان مان اسانجي ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي تـ جئين اسان ھن عذاب مان آزاد ٿي ڪڻڪ پوکي سگھون.