سيوھڻ (ن پ ا)  سيوهڻ ۾ حضرت قلندر لال شھباز جي عرس تي ايندڙ زائرين جي ڀريل ٽرڪ ميلا گرائونڊ جي ڪمپائونڊ وال سان ٽڪرائجڻ بعد گرائونڊ ۾ راند کيڏندڙ معصوم نينگر مٿان چڙهي وئي حادثي ۾ ڪمپائونڊ وال جي ڀت ھيٺان اچڻ سبب  6 سالن جو نامعلوم نينگر موقعي تي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو لاش سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي فوتي جي سڃاڻپ رياض ولد مٺو اوٺو طور ڪئي وئي آهي. ھوڏانھن مقامي پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي.