سيوهڻ: ڳوٺاڻن ريلوي لائين کي ڪٽ ڏئي ڇڏيو، روڊ بند

0
420

سيوھڻ (رپورٽر) سيوهڻ تعقلي جي يوسي آراضي ۾ ڳوٺاڻن ريلوي لائين کي ڪٽ ڏئي ڇڏيو آھي، ڪٽ بعد پاڻي جو تيز وهڪرو ڀان سيد آباد جي سِم نالي طرف وڌڻ لڳو آھي

 يوسي آراضي جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾ 4 فٽ پاڻي بيٺل آھي

پاڻي جي تيز وهڪري سبب سيوهڻ ٽول پلازه وٽ پُل ڪري پئي آھي، انتظاميا سيوهڻ کان دادو ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو آھي مختلف هنڌن تي ڪٽ ۽ گهارن کانپوءِ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ 2 فُٽ لاٿ اچي وئي

منڇر ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي 22 فُٽ 4 انچ ٿي وئي، زيرو پوائنٽ وٽ ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڳل گهارو وڌي 400 فُٽ ٿي ويو، پاڻي جي وهڪري سيوهڻ تعلقي جا سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي اُڪاري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آھن

ھي به پڙھندا

لکين ماڻهن تائين صحت جون سهولتون نه پهتيون آهن: ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو

روھڙي ڪئنال جا در بند ڪري پاڻي ڪنڊيارو جي ڇنڊڻ وٽان درياھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو واپس