سيهڙ ( ن پ ا )سيھڙ ٿاڻي جي حد سيھڙ وليج مان گم ٿيل5 سال جي ڪنيزا ڌيءُ نثار سومرو جو پتو نه پيو،وارثن پاڪ ڪتاب کڻي سيھڙ سامٽيا روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.پوليس مظاهرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. ان موقعي تي نثار سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نياڻي جي ڳولا ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي.ٻي طرف سيھڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان چانڊيو  جو رھواسي اٺين ڪلاس جو شاگرد سھيل 10 ڏينهن گم آهي.وارثن لاڙڪاڻو  راڌڻ روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھنيو.ان موقعي تي سڄڻ چانڊيو  ۽ مکڻ چانڊيو  جو چوڻ هو ته 10 ڏينھن کان اسان جو ٻچڙو گم آهي، سيھڙ ٿاڻي تي اين سي به داخل ٿيل آهي پوليس مدد نه ٿي ڪري.