سيھڙ ( ن پ ا ) سيھڙ ڀرسان ڳوٺ پير شاھ بخاري برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ھئڻ ڪري رائيس ڪئنال جي ڪپر تي ويٺل 50 سال جو سھڻو لاشاري ڳوٺ ٻاھران مڇي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. وارثن جو چوڻ هو ته 2 ڏينهن اڳ پيرسن مال چارڻ ويو، واپس نه آيو، ڳولا ڪرڻ تي لاش مڇي جي تلاءَ مان مليو.لاش گھر پھچڻ ڪري ڪھرام مچي ويو. ياد رھي ته 5 ڏينهن اڳ سندس والد رانجھن لاشاري به ٻڏي فوت ٿي ويو ھو.