سيهڙ (ن پ ا) سيهڙ جي يونين ڪائونسل جي ڳوٺن يار علي چانڊيو، ڪمال جوڳي جي برسات متاثرن غلام مصطفيٰ چانڊيو، مجيد چانڊيو، مظهر چانڊيو، شعبان جوڳي معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته 2 مهينن کان اسان جي ڳوٺن ۾ 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن،  رائيس ڪئنال جي ڪنارن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون،    غربت، بک ۽ بدحالي سبب پنهنجي گهرن جو لوھ ٽيئر، گارڊر، مال متاھ سون کپائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيا آهيون، پر ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي، هنن چيو ته اسين  ڪک ڪانا گڏ ڪري پنهنجي ٻچڙن لاءِ اجھا ٺاهي رھيا آھيون، پر اسان کي ٽينٽ نه ملي سگهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.