ڪراچي (نمائندن وٽان) پورھيت اڳواڻ سينگار نوناري جي گمشدگي جو ايمنسٽي انٽرنيشنل سائوٿ ايشيا نوٽيس ورتو، وڏي وزير کي خط لکي سينگار جي بازيابي جو مطالبو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پارا داخل درخواست تي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کي 29 جولاءِ تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا. خبر موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل سائوٿ ايشيا طرفان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکيو ويو آهي، خط ۾ڄاڻايو ويو آهي ته سينگار نوناري کي 26 جون تي رات جو 3 بجي سندس وني ۽ 3ٻارڙن آڏو کنڀيو ويو، سينگار نوناري خلاف ڪيس يا الزام آھن ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪري ثابت ڪيو وڃي، ڪنھن فرد جي جبري گمشدگي ٿيڻ ۽ سندس موجودگي جي خبر نه پوڻ تي سندس خاندان پيڙا مان گذري ٿو. جبري گمشدگي عالمي قانون تحت ڏوھ آھي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينگار نوناري شھرين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ سان گڏ مزدورن ۽ عورتن جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪئي آهي، پورھيتن جو آواز اٿاريندڙ شھري کي گم ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آھي، خط ۾ وڏي وزير کان ترت اپاءَ وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ پورھيت اڳواڻ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کي 29 جولاءِ تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته هي معاملو سنگين آهي، جنهن ڪري جلد کان جلد جواب داخل ڪرايو وڃي. سينگار نوناري جي گهر واري فوزيه پاران داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته 25 ۽ 26 جون جي وچ واري رات پوليس ۽ رينجرز نصير آباد ۾ واقع سندس گهر ۾ داخل ٿي سينگار نوناري کي کنڀي کڻي ويا آهن. هوڏانهن جرمني ۾ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين سينگار نوناري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو. ڀان سيدآباد ۾ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ منظور چنا، شمس الدين چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي عابدھ چنا، گلزار شيخ، نجيع الله چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ھنن چيو ته رجسٽرڊ تنظيمن مان اليڪشن کٽي ايندڙ اڳوڻي ڪائونسلر ڪامريڊ سينگار نوناري کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، کيس فوري آزاد ڪيو وڃي.