خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ۾ حاضريءَ تي آندل سينٽرل جيل سکر جو قيدي بخت ڄامڙو جيل اندر پاڻ تي ٿيل ڏاڍ جي درد ڪٿا بيان ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو، قيديءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ قيديءَ جو چوڻ هو ته سکر جيل جو سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ، جيلر آصف ڪورائي ۽ پوليس اهلڪار درگاهي ڪلهوڙو قيدين سان ناحق جي انتها ڪري ڇڏي آهي. رشوت نه ڏيڻ تي قيدين مٿان سخت تشدد ڪيو وڃي ٿو. هن جو چوڻ هو ته جيل اندر ھر سهولت جا ريٽ مقرر آھن. حاضريءَ تي ايندڙ قيدين کان مختلف فرمائشون ڪيون وڃن ٿيون. سندن گهر ڀاتين کان پنهنجي لاءِ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان گهرايو وڃي ٿو.فرمائش پوري نه ڪرڻ تي قيدين مٿان سخت تشدد ڪري انهن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. قيديءَ موجب جيل انتظاميا جي فرمائش پوري نه ڪرڻ تي جميل مهر، سڪندر تنيو سميت ڪيترن ئي قيدين کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين کين تشدد جو نشانو ويو. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو ته جيلن جي ڪرپٽ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ قيدين سان غير انساني سلوڪ بند ڪيو وڃي.