اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به پي ٽي آءِ جي سينيٽرن پاران نيب ترميمي بل جي منطوري خلاف احتجاج، گوڙ، اسيمبلي ختم ڪري چونڊون  ڪرائڻ جو مطالبو تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به نيب ترميمي بل جي منظوري خلاف احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن سيٽن تي بيهي گوڙ ڪندا رهيا،  اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته انهن پاڻ کي اين آر او ٽو ڏنو  آهي، هنن انصاف جو جنازو ڪڍيو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته احسن اقبال چوي ٿو ته ڪرپشن جي موجودگي ۾ به ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو اها انهن جي سوچ آهي، نيب ترميم بل منظور ڪري ڪرپشن کي قانوني شڪل ڏني آهي، شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته معاشي سيڪيورٽي کي خطرو ٿيندو ته قومي سيڪيورٽي کي خطرو ٿيندو،  فيصل جاويد چيو ته  بيگناهه ماڻهو جيلن ۾ آهن، ڪرپٽ ماڻهو حڪمران ٿي ويا آهن، اسيمبلي کي ختم ڪيو وڃي، فوري چونڊون ڪرايون وڃن، پ پ سينيٽر اڳوڻي قانون جي وزير فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هي نيب قانون تي سياست ڪري رهيا آهن، جڏهن کان پرويز مشرف چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ نيب آرڊيننس آندو، جنهن کان پوءِ آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، بينظير ڀٽو کي ملڪ ڇڏڻو پيو، آصف زرداري 2 سال اٽڪ جيل ۾ هو، پرويز مشرف جي آندل اين آر او بابت آرڊيننس کي سپريم ڪورٽ ختم ڪيو، ان آرڊيننس تحت ڪنهن هڪ کي به ڪو فائدو نه ٿيو، سمورا ڪيس وري شروع ٿيا، آصف زرداري ان بعد 7 ڪيسن  ۾ بري ٿيو، ڪنهن هڪ ماڻهو به پرويز مشرف جي اين آر او مان فائدو نه ورتو،  قائد ايوان ۽ قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن کي اين آر او نه ڏنو ويو آهي، احتساب جي حق ۾ آهيون، پر ڪنهن جا بنيادي حق متاٿر نه ٿيڻ گهرجن، نيب جي سياسي انجنيئرنگ ۾ استعمال ۽ اربين ڊالرن جو ملڪ کي نقصان ٿيڻ قبول ناهي، تاريخ ٻڌائيندي ته ڪير درست هو ۽ ڪير غلط تنقيد ڪري رهيو هو.