اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ ڪالهه به بجيٽ تي بحث جاري رهيو، نيب بل جي منظوري خلاف پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج، پ پ سينيٽر ميان رضا رباني ڪالعدم تحريڪ طالبان  پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهين تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف کان ايوان ۾ اچي سينيٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس مقرر وقت کان 35 منٽ دير سان شروع ٿيو، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته وزيرستان ۾ 4 نواجوانن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري ماريو ويو آهي، اهي صحت ۽ امن امان جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا هئا، جن کي گڊ طالبان چيو پيو وڃي انهن کين قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پوءِ فوج ڇا لاءِ آهي، گڊ طالبان اهو به چئي رهيا آهن ته ايندڙ وقت ۾ به ماڻهو قتل ڪنداسين، پ پ سينيٽر ميان رضا رباني جو چوڻ هو ته تحريڪ طالبان سان شروع ٿيل ڳالهين بابت مون سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو هو، پر بجيٽ اجلاس ڪري ان تي اڃا تائين ڪارروائي ناهي ٿي، حڪومت کي گهرجي ته بچاءَ جو وفاقي وزير سينيٽ ۾ اچي ايوان کي ٻڌائي ته ٽي پي پي سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهو به ٻڌايو وڃي ته ٽي ٽي پي جا ڪهڙا شرط آهن، انهن جو اهو مطالبو سامهون آيو آهي ته ٽي ٽي پي فاٽا ضم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ڪرائڻ چاهي ٿي، اهو فيصلو بند ڪمرن ۾ نه ٿو ٿي سگهي، جرڳو موڪلڻ سٺي ڳالهه هوندي پر جرڳو پارليامينٽ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي، بچاءَ جو وزير ايوان ۾ اچي ٻڌائي ته طالبان سان ڳالهيون ڪٿي پهتل آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ ميمبرن نيب ترميمي بل جي منظوري خلاف  احتجاجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي، اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته نيب قانون ۾ ترميمي بل ذريعي اڄ هنن پاڻ کي اين آر او ٽو ڏنو آهي، اڄ ڪارو ڏينهن آهي، هن ايوان ۾ انهن نيب قانون کي قتل ڪيو، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته نيب قانون ۾ 85 سيڪڙو ترميمون اهي آهن جيڪي پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ ٻن آرڊيننسن ذريعي ڪيون ويون آهن، اپوزيشن کي مطمئن ڪنداسين، پي ٽي آءِ حڪومت سياسي مخالفن خلاف نيب جو سهارو ورتو، ضمانتن جا قانون اسان تبديل ڪيا آهن، هن چيو ته اوهان شهزاد اڪبر، عثمان بزدار، فرح گوگي کي اين آر او ڏنو.بجيٽ تي بحث ڪندي نسيما احسان چيو ته موجوده بجيٽ ۽ پي ٽي آءِ جي بجيٽ ۾ ڪو فرق ناهي، گذريل سال 26 ارب ۽ هن سال 24 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، تاج حيدر چيو ته جيئن پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٿيندو هو ائين ئي هن حڪومت ۾ به طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، بجيٽ بحث جي موقعي تي وزير ايوان ۾ موجود ئي ناهي، چيئرمين صاحب اوهان ڪردار ادا ڪيو، وزيرن جي موجودگي کي يقيني بڻايو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته قائد ايوان کي خط لکيو  آهي ته وزيرن جي حاضري کي يقيني بڻايو، پي ٽي آءِ جي زرقا سهروردي چيو ته 20 سالن جي پاليسي ڇو نه پئي ٺاهي وڃي، مشروبات ۽ ڪينڊيز تي ٽيڪس ڇو نه پيو لڳايو وڃي، وزير چون ٿا ته ملڪ وينٽي لينٽر تي آهي پر انهن جا دورا ختم نه ٿا ٿين، پي ٽي آءِ سينيٽر سيمي ازدي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اجلاس اڄ 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.