اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ وزيرن جي غيرحاضري تي اپوزيشن سان گڏ حڪومتي ميمبر به ناراض، احتجاج، رضا رباني به ڪاوڙجي پيو، احتجاجن بجيٽ تي تقرير ڪرڻ کان  انڪار  ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو،  اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم احتجاج ڪندي چيو ته ڪابينا جا 56 وزير آهن، هتي رڳو هڪ وزير موجود آهي، عوام کي دورا پئجي رهيا آهن، وزيرن جا دورا ختم نه ٿي رهيا آهن، حڪومتي بينچون خالي آهن اهو شرمناڪ منظر آهي، پيپلزپارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني چيو ته اهو درست آهي ته ماضي ۾ به ايوان اندر رڳو هڪ وزير هوندو هو هن وقت به ڪو وزير موجود ناهي، هيڏي وڏي ڪابينا هجڻ باوجود هڪ به وزير سينيٽ ۾ موجود ناهي، ايوان ۾ ناڻي جي وزير کي موجود هجڻ گهرجي ها، سينيٽ چيئرمين ايڪشن کڻي ۽ وزيرن جي حاضري يقيني بڻائي، ايوان ۾ بجيٽ تي بحث ٿي رهيو آهي، ناڻي جي وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير کي موجود هجڻ گهرجي ها، وزيرن جي عدم موجودگي سبب مان اڄ احتجاجن بجيٽ تي تقرير نه ڪندس. جنهن تي اپوزيشن جي ميمبرن شيم شيم جا نعرا لڳايا، پيپلزپارٽي جي سليم مانڊوي والا چيو ته ناڻي جي وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير وڊيو لنڪ ذريعي ميٽنگ ۾ آهن، ٿوري دير ۾ اچي ويندا، سينيٽ چيئرمين چيو ته مان وزيراعظم کي ان حوالي سان آگاهه ڪندس ۽ وزيرن جي حاضري کي يقيني بڻايو ويندو، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني چيو ته هڪ ڏينهن اڳ ناڻي جو وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير به موجود هئا انهن کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو،  اسان جو موقف نه اچي سگهيو، هنن جي دور ۾ سمورين وزارتن جا مملڪتي وزير علي محمد خان جواب ڏيندو هو، پي ٽي آءِ جي فيصل جاويد بجيٽ تي تقرير ڪندي چيو ته اڃا بجيٽ تي تياري ڪندا آهيون ته رات جو ٻي بجيٽ اچي ويندي آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سان ماڻهن کي گهر جي بجيٽ به ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هي مهانگائي ۾ اضافو ڪري رهيا آهن غريب ڪيڏانهن وڃن، فيصل جاويد عمران خان کي هٽائڻ جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿيندي روئڻهارڪو ٿي ويو، هن چيو ته جان الله کي ڏيڻي آهي ڇو عمران خان کي هٽايو ويو، هن بجيت دستاويز ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو ۽ چيو ته هي ڪهڙي بجيٽ آهي، پي ٽي آءِ جي بيرسٽر علي ظفر چيو ته هي بجيٽ آءِ ايم ايف کي تسليون ڏيڻ لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن بجيٽ ٺاهي آهي اها حڪومت به پاڻ کي عارضي سمجهي ٿي، محسن عزيز چيو ته عوام جو مختلف طريقن سان معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، حڪومت کي هن وقت به تسلي نه ٿي رهي آهي، ڪورونا ٻيهر شروع ٿي وئي آهي پر اين سي او سي غير فعال آهي.