اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ ۾ اڪثريت رکندڙ حڪمران اتحاد کي اپوزيشن هٿان شڪست، پي ٽي آءِ جي ميمبر محسن عزيز جي بل تي ووٽنگ دوران  4 حڪومتي ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينٽ صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو،  اجلاس ۾ اسٽينڊنگ ڪاميٽي مان متفقه طور تي پاس ٿيل ٻه بل پيش ڪيا ويا، پي ٽي آءِ جي سينيٽر محسن عزيز اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2021ع ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا حڪومت مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز جو چوڻ هو ته هي بل گهٽ ترقي يافته صوبن جو بل آهي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي پاڪستان لاءِ قرباني ڏني آهي پر انهن کي قرض نه پيا ڏنا وڃن، پرائيويٽ سيڪٽر جون بينڪون انهن کي قرض نه ڏئي رهيون آهن، سينيٽر شوڪت ترين چيو ته هي تمام وڏو مسئلو آهي، بينڪنگ سيڪٽر ۾ پيسا پوري پاڪستان مان ايندا آهن ۽ تقسيم صرف 9 شهرن ۾ ٿيندا آهن، سينيٽر دلاور خان ۽ سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته اسان ان بل جي حمايت ڪيون ٿا، حڪومتي اتحادي نيشنل پارٽي جي سينيٽر محمد اڪرم چيو ته مان ان بل جي حمايت ڪيان ٿو، ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته ان بل جو طريقيڪار آئين جي خلاف آهي، مامري کي ڪاميٽي کي موڪليو وڃي،  جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد به بل جي حمايت ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ ترميم  جي بل تي سينيٽ چيئرمين ووٽنگ ڪرائي ته بل جي منظوري جي حق ۾ اپوزيشن سان گڏ حڪومتي اتحادي محمد اڪرم، اي اين پي جي عمر فاروق، نسيما احسان سميت  4 حڪومتي ميمبرن حمايت ڪئي، بل جي منظوري جي حق ۾ 25 ۽ مخالفت ۾ 20  ووٽ آيا، پيپلز پارٽي جي ميان رضا رباني ۽ نيشنل پارٽي جي طاهر بزنجو نه بل جي حق ۽ نه بل جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، ائين 6 ووٽن جي اڪثريت سان ان بل تي حڪومت کي شڪست ٿي ۽ اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل اڪثريت راءِ سان منطور ڪيو ويو، منظور ٿيل بل تحت نجي شعبي جي بينڪن لاءِ اهو لازمي هوندو ته هر صوبي ڊپازٽ طور جمع ٿيندڙ رقم جي 60 سيڪڙو رقم لاڳاپيل صوبي توڙي اسلام آباد کي قرض طور ڏين. جڏهن ته ميان رضا رباني پارليامينٽيرنز جي استحقاق بابت ترميمي بل 2021ع ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو منطور ڪيو ويو،  منظور ٿيل بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر کي اجلاس طلب ڪرڻ بعد گرفتار نه ڪري سگهبو، ڪيس داخل ٿيڻ تي ڪيس جي ڪاپي 24 ڪلاڪن اندر اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي فراهم ڪرڻ لازمي هوندي، گرفتار ڪرڻ کان اڳ اسپيڪر يا سينيٽ چيئرمين کي فوري آگاهه ڪيو ويندو، گرفتار ٿيل ميمبر کي اسپيڪر يا سينيٽ چيئرمين اجلاس ۾ گهرائي سگهندو، ڪنهن به ميمبر کي وزيراعظم يا وزيراعليٰ خلاف عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ يا مني بل پيش ٿيڻ جي هڪ هفتي کان اڳ گرفتار نه ڪري سگهبو، ڪنهن به ميمبر کي اسپيڪر يا چيئرمين جي اجازت کانسواءِ پارلياماني حدن مان گرفتار نه ڪري سگهبو،  سينيٽر ذيشان خانزاده فوجداري ايڪٽ ۾  ترميم جو بل 2022ع ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي حڪومت پاران مخالفت نه ڪرڻ تي لاڳاپيل ڪاميٽي کي موڪليو ويو آهي، سينيٽر ڪهده بابر جو  انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ترميمي بل 2022ع،  سينيٽر دلاور خان جو  هاربر انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز  اينڊ ٽيڪنالاجي بل 2022ع، سينيٽر مشتاق احمد جو آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ ترميم جو بل 2022ع ، سينيٽر فيصل جاويد پاران پيش ڪيل ڪاپي رائيٽ ترميمي بل 2022ع، سينيٽر فوزيه ارشد جو  اليڪشن ترميمي بل 2022ع، سينيٽر سيمي ايزدي جو پاڪستان ماحولياتي تحفظ ترميمي بل 2022ع، سينيٽر زرقا تيمور جو ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2022ع، سينيٽر مشٽاق احمد جو انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ترميمي بل 2022ع لاڳاپيل ڪاميٽين کي اماڻيا ويا،  سيمي ايزدي جو فوجداري قانونن ۾ ترميمي بل 2022ع، مشتاق احمد جو فوجداري قانونن ۾ ترميمي بل 2022،  زرقا تيمور جو پاڪستان اسٽينڊرڊ  اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ترميمي بل 2022، مقبول احمد جو فوجداري قانونن ۾ ترميمي بل 2022ع لاڳاپيل ڪاميٽين کي موڪليا ويا.