اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، نواز ليگ جَي سينيٽر اعظم نذير تارڙ کين الڳ اپوزيشن بئنچز الاٽ ڪرڻ جي گهُر ڪري ڇڏي، سينيٽ ۾ ڳجهيون ڪئميراز لڳائڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو به مطالبو:اعظم نذير تارڙ چيو ته يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ پنج تحفا اُماڻيا ويا، نواز ليگ سينيٽر جي بيان تي يوسف رضا گيلاني جي حامي سينيٽرز جو احتجاج، بي اي پي جي سينيٽرز کي تحفو سڏڻ تي حڪومتي ميمبرز جو به گوڙ، دلاور خان گروپ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو، پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد اپوزيشن کي پرچائي ورتو، پختونخواه ميپ ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر واڪ آئوٽ ختم ڪري ايوان ۾ واپي اچي ويا.