سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اسپيڪر لوڪ سڀا جي دعوت تي ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
267

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اسپيڪر لوڪ سڀا جي دعوت تي ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ڀارتي لوڪ سڀا طرفان ڀارت جي دوري جي دعوت ڏني وئي هئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته صادق سنجراڻي کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي پر هن شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. لوڪ سڀا جي اسپيڪر طرفان موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته سو ساله تقريب ۾ توهان جي شرڪت اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.  ذريعن موجب صادق سنجراڻي چيو آهي ته هو 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير بابت غير قانوني قدم جي واپسي تائين ڪنهن به ڀارتي تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو.