اسلام آباد (م ڊ) عمران خان وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پي ٽي آءِ اڳواڻن شهزاد وسيم ۽ اسد عمر سان رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ سينيٽر علي ظفر تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، هوڏانهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي حڪومتي تجويز تي پي ٽي آءِ اڳواڻن شهزاد وسيم ۽ اسد عمر سان رابطو ڪيو، پي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته حڪومتي تجويز کان اپوزيشن قيادت کي آگاهه ڪنداسين، ذريعن کان چيو پيو وڃي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اپوزيشن کي خط به لکندو، هوڏانهن قانون  واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ سعد رفيق سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي آهي، ٻئي طرف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان جوڙيل 3 رڪني ڪاميٽي جي ميمبر شاهه محمود قريشي سان رابطو ڪري وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ 5 اڳواڻن جا نالا گهري ورتا آهن.