ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل سينيٽ جي ننڍي چونڊ لاءِ ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو جو نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيو، ٽربيونل ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو جو  نامزدگي فارم رد ڪرڻ بابت رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل منظور  ڪري ورتي، ڊاڪٽر خالده سڪندر درخواست  ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڊاڪٽر خالده سڪندر مينڌرو جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي غير واضح هجڻ جو عذر ڏئي فارم رد ڪيو هو، عدالت ڪارروائي دوران پڇيو ته آر او ڪير هو؟ جنهن تي لا آفيسر چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ پاڻ رٽرننگ آفيسر آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو حال اهڙو آهي ته ٻين آر اوز بابت شڪايتون به درست هونديون. عدالت ڊاڪٽر خالده سڪندر جو سينيٽ چونڊ لاءِ فارم بحال ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي. ياد رهي ته پ پ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل سينيٽ سيٽ ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.