ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جي استعيفا کانپوءِ خالي ٿيل سينيٽ سيٽ تي 8 ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊ لاءِ  پيپلز پارٽي پاران نامزد اميدوار وقار مھدي  ۽ عاجز ڌامراهه (ڪورنگ اميدوار)،  ايم ڪيو ايم جي سبين غوري، طارق منصور ۽ احمد سليم صديقي  فارم جمع ڪرايا، فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ هوندي پي ٽي آءِ، جي ڊي اي  سميت ڪنهن به ٻي پارٽي پاران فارم جمع نه ڪرايو ويو، پوليس  اميدوارن جي آمد کان اڳ پوليس اليڪشن ڪميشن ٻاھران دڪان بند ڪرائي سيڪيورٽي الرٽ ڪري ڇڏي، پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي سان پ پ سنڌ جو صدر سينيٽر نثار کهڙو، صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، مڪيش چاولا، ايم پي اي شازيه ڪريم سنگهار ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا،  ان موقعي تي وقارمهدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون سينيٽر  ٿي  سنڌ جي عوام جا مسئلا ايوانن تائين پهچائيندس، جڏهن ته پ پ سنڌ جي صفدر نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال بهتر ٿيڻ بعد مڪاني چونڊون ٿينديون، ٻئ طرف ايم ڪيو ايم حي محمد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جو لولو لنگڙو بي اختيار  ميئر چونڊڻ سان  شهر جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا، واضح رهي ته سينيٽ سيٽ لاءِ 8 ڊسمبر تي چونڊ ٿيندي،