ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا جي استعيفا بعد سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ 25 جنوري تي ٿيندي، پيپلز پارٽي پاران نثار کهڙو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، عاجز ڌامراهه سندس ڪورنگ اميدوار هوندو، 10 جنوريءَ تي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪري منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته اميدوارن جي حتمي لسٽ 20 جنوري تي جاري ڪئي ويندي،  25 جنوري تي سنڌ اسيمبليءَ جي بلڊنگ ۾ ايم پي ايز ووٽ ڪاسٽ ڪندا، ڪالهه نامزدگي فارم داخل ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو تو 25 جنوري تي ٿيندڙ سينيٽ اليڪشن ۾  ڪاميابي  پ پ جي ٿيندي، ايم ڪيو ايم تڪ بندين بابت 9 جنوري تي ڀلي احتجاج ڪري،  انهي سان سنڌ سرڪار تي ڪو فرق نه پوندو، ڪراچي جو ايندڙ ميئر به پ پ جو جيالو هوندو، نثار کهڙو چيو ته   پ پ مڪاني توڙي عام چونڊن کان ڀڄڻ واري ناهي،ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، مڪيش چاولا، ساجد جوکيو، وقار مهدي ۽ ٻيا موجود هئا