ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي باغي سينيٽر فيصل واوڊا جي استعيفا بعد خالي ٿيل سينيٽ سيٽ تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو فارم منظور، ڪنهن به سياسي پارٽي مقابلي ۾ فارم جمع نه ڪرايو، نثار کهڙي جي ڪورنگ اميدوارن عاجز ڌامراهه ۽ سرفراز راڄڙ پاران هٿ کڻڻ بعد نثار کهڙو بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويندو، اليڪشن ڪميشن پاران سڀاڻي 12 جنوري تي نثار کهڙي جي ڪاميابي جو سرڪاري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، هوڏانهن اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن به پارٽي جي  اميدوار فارم جمع نه ڪرايو، عاجز ڌامراهه ۽ سرفراز راڄڙ جي هٿ کڻڻ سان بنا مقابلي سنيٽر چونڊجي ويندس، نثار کهڙي چيو ته عمران خان خلاف ڪيس داخل ٿيل آهن، هو ڪيسن کي منهن ڏي، هڪ سوال جي جواب هن چيو ته پيپلز پارٽي جي منشور ۾ ناهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن،