اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان سينيٽ جي خصوصي اجلاس ۾ سينيٽ جي چونڊ جو طريقو تبديل ڪرڻ جو مطالبو، سينيٽ جي خصوصي اجلاس ۾ زمان پارڪ لاهور ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو به پڙاڏو ، عمران خان جي حق ۽ مخالفت ۾ تقريرون، تفصيل موجب سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ سينيٽ جو خصوصي اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن کان پوءِ سينيٽ کي هائوس آف هول ڪاميٽي ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ خصوصي دعوت تي سينيٽ جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، خيبر پختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي، بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف، اڳوڻي اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين نير بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ تقرير ڪندي اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ سينيٽ جو ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي، هن ايوان جو آواز دٻائي نه ٿو سگهجي،  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ صوبي پاران سينيٽ کي 50 سال پورا ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو صوبن وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ سينيٽ جو فورم قائم ڪيو، اسان ملڪ کي بهتري طرف وٺي وينداسين، مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن قانونسازي ۾ مداخلت  ٿئي ٿي، سنڌ اسيمبلي قانون ٺاهيو عدالت ان جو نالو تبديل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، اسان ائين نه ڪنداسين، صوبن کي پنهنجو ڪيس سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته ڇا 75 سال گذرڻ بعد به آئين جي بالادستي قائم ٿي آهي؟ پاڪستان جنهن معاشي ۽ معاشرتي حالتن مان گذري رهيو آهي ان جو ذميوار ڪير آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ آهي پر اتي پاڻي ناهي، گيس ۽ بجلي ناهي، مزدور، صنعتڪار پريشان آهن، گورنر بلوچستان عبدالولي ڪاڪڙ چيو ته صوبن وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۾ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي، خيبر پختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سپريم ڪورٽ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو، اسان کي چونڊون ڪرائڻيون آهن پر آدمشماري کان پهريان چونڊون ٿيون ته فاٽا وارن کي حق نه ملندو،  جتي آدمشماري جو عملو محفوظ ناهي اتي چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون، اڳوڻي اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو ته فوج يا سيڪيورٽي ادارن وٽ سياسي حل نه هوندو آهي، اسان سياستدان تقسيم ٿي ويا آهيون، سولين سياستدانن جي چوڻ تي ٻئي سولين سياستدان جي گهر تي چڙهائي ٿي رهي آهي، اهو سڀ اسان لاءِ فڪر جو لمحو آهي، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جان محمد جمالي چيو ته سياست ۾ بدتميزي جو ڪلچر پروان چڙهيو آهي، پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته جن ماڻهن آئين تي حملا ڪيا انهن جي مذمت ٿيڻ گهرجي، هڪ رجسٽر ڪاري رنگ جو ٺاهيو وڃي جنهن کي آئين ۾ ثبوتاز ڪندڙن جا نالا لکيا وڃن، ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، پارليامينٽ جي حدن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد چيو ته قومي اسيمبلي جي مدت گهٽ ڪري 4 سال ڪئي وڃي، سينيٽ جون چونڊون سڌي ريت ٿيڻ گهرجن، سينيٽ کي مالياتي اختيارن سوڌو وڌيڪ بااختيار بنائڻ لاءِ اختيار ڏنا وڃن، اڳوڻي سينيٽر حافظ حسين احمد چيو ته ڇا 50 سالن کان پوءِ صوبا مطمئن آهن؟ سينيٽ جي ميمبر کي سڌي ريت چونڊڻ جي ضرورت آهي، ادارن اندار ويڙهه ختم ٿيڻ گهرجي.