سينيئر هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ايس سليمان لاڏاڻو ڪري ويو

0
208

لاهور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينيئر هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ايس سليمان 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ايس سليمان جي وارثن ان جي وفات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ڊگهي عرصي کان گردن جي مرض ۾ مبتلا هو، جڏهن ته هو فالج سوڌو ٻين ٻين بيمارين جو به شڪار هو، واضح رهي ته فلم ڊائريڪٽر ايس سليمان ماضي جي اداڪار سنتوش ڪمار ۽ درپن جو ننڍو ڀاءُ هو، ايس سليمان جي پهرين فلم گلفام 1961 ۾ ريليز ٿي هئي، هن 60 کان وڌيڪ فلمن جي هدايتڪاري ڪئي، هن جي فلمن ۾ اناڙي، زينت، باجي، اف يي بيويان، محبت، آگ ۽ ٻيون شامل آهن..