سينيئر صحافي ۽ اڳوڻو نگران وفاقي وزير عارف نظامي لاڏاڻو ڪري ويو

0
309

ڪراچي(م ڊ) نالي وارو سينيئر صحافي ۽ اڳوڻو نگران وفاقي وزير عارف نظامي لاڏاڻو ڪري ويو، وزيراعظم عمران خان طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، عارف نظامي ڪجهه هفتن کان وٺي لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو اڄ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، عارف نظامي جي ڀاڻيجي بابر نظامي سينيئر صحافي جي وفات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو دل جي عارضي ۾ مبتلا هو، سُڌ سماءُ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته نظامي صحافي جي وڇوڙي تي افسوس ٿيو آهي، عارف نظامي خانداني اختلاف جي ڪري 2010 ۾ انگريزي اخبار دي نيشن کي ڇڏي پاڪستان ٽوڊي جي بنياد رکي هئي، 2013 ۾ هن کي نگران وفاقي وزير بڻايو ويو هو، 2015 ۾ نجي ٽي وي چينل 24 جي سي اي او بڻيو جتان هڪ پروگرام به ڪندو هو.