لاهور (بيورو رپورٽ) انساني حقن جو علمبردار ۽ سينيئر صحافي آءِ اي رحمان 90 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته آءِ اي رحمان شوگر ۽ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا هو، جنهن جو علاج هلندڙ هو پر هو چڙهي نه سگهيو، آءِ اي رحمان 1930 ۾ ڀارتي شهر هريانه ۾ پيدا ٿيو هو، هو 65 سال صحافت سان واڳيل رهيو، آءِ اي رحمان هڪ اخبار ذريعي بطور رپورٽر طور صحافت شروع ڪئي هئي، آءِ اي رحمان پنهنجي قلم سان انساني حقن سوڌو ٻين مامرن تي گهڻو ڪجهه لکيو.