بدين (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر سياستدان ۽ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو کي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري جي جنازي نماز انڊس اسپتال بدين جي سامهون  ادا ڪئي ويئي، جنازي نماز علامه مولانا مفتي محمد احمد نعيمي سجاده نشين درگاھ ڪوڏاريو شريف پڙھائي. مرحوم جي آخري ديدار لاءِ سياسي سماجي شخصيتن کان علاوه عوام وڏي تعداد ۾ موجود هئي. جنازي نماز ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو، اسپيشل اسسٽنٽ پير نورالله قريشي ، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر ، حاجي تاج محمد ملاح ، اڳوڻو ايم پي اي پير امجد شاهه، پ  پ جي ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ، ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان ، ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات کاتو حيدرآباد سوائي خان ڇلگري ، ايوان صحافت بدين جو صدر حاجي خالد محمود گھمڻ، اڳوڻو سيڪريٽري ايريگيشن اشفاق ميمڻ ، پاڪستان پيپلزپارٽي جا مقامي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهري ، اسلم راهو ، علي احمد جوکيو ، نياز لاشاري ، حاجي عبدالغفور ميمڻ ،سعيد احمد بلوچ ، اڪرم نظاماڻي، حاجي سائين بخش جمالي سميت ٻين سياسي مذهبي جماعتن جي نمائندن شهر جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ بزرگ مرحوم جا عزيز اقارب ۽ عوام وڏي تعاد ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وصيت مطابق تدفين ڳوٺ متارو منڌرو جي قبرستان ۾ ڪئي ويئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو جنازو مڙهه ڪراچي ايئرپورٽ تي آڻڻ بعد بدين آندو ويو، جتي سندس تدفين ڪئي وئي. ڊاڪٽر سڪندر منڌرو بيماري سبب آمريڪا جي اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو هو.