ممبئي: بالي ووڊ ۾ سينيئر اداڪار ڪشور نندلاسڪر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي فوت ٿي ويو. 81 سالن جي اداڪار کي 2 هفتا اڳ ڪورونا وائرس ٿيو هو ، جنهن کانپوءِ هن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ اڄ هو لاڏاڻو ڪري ويو. ڪشور نندلاسڪر ڪيترين ئي هندستاني فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، انهن ۾ واستو ، سنگم ، جس ديش مين گنگا رهتا هي، سمبا وغيره. شامل آهن. واستو ۾ سندس ڪردار کي ڪافي پذيرائي ملي جڏهن ته گووندا سان گڏ فلم جس ديش مين گنگا رهتا هي ۾ هن ”سناٽا“ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کي ڪافي پسند ڪيو ويو.