ڪراچي: صوبي ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ قانوني گھرجون پوريون نه ڪرڻ جي الزام هيٺ سيل ڪيل 104 اسپتالن تي 34 لک ڏنڊ مڙهي کولڻ جون سفارشون ڪيون ويون آهن! ان حوالي سان گذريل ڏينهن سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڪمشنر خالد شيخ جي سربراهي ۾ عطائين بابت جوڙيل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي لاڳاپيل اختيارين پاران بورڊ کي سفارش ڪئي وئي ته ڪراچي جي 41، حيدرآباد جي 24، لاڙڪاڻي ڊويزن جي 2، ميرپورخاص ڊويزن جي 7، سکر ڊويزن جي 4 اسپتالن سميت سمورين ڊويزنن ۾ مجموعي طور تي سيل ڪيل 104 اسپتالن تي 34 لک رپيا ڏنڊ مڙهي اسپتالون کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.