ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) اينٽي ڪرپشن ليبرکاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ اسپتالن جي مرمتي ڪمن ۾ ڪرپشن واري معاملي ۾ پروڪيورمينٽ ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ موجوده ڊائريڪٽر  سميت 8 آفيسرن کي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو، ڄاڻايل آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن سيسي سٽي سرڪل ۾ ايس ايس آءِ ڪنسلٽنٽ اسپتال جي مرمتي ڪمن ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪري رهي آهي، ڄاڻايل ڪيس ۾ سيسي جو ڊائريڪٽر انجنيئرنگ محمد فاروق گرفتار ٿيل آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين محمد فاروق جي نشاندهي تي  8 آفيسرن ۽ ملازمن کي جاچ ۾ شامل ڪري انهن کي سڀاڻي 11 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جن ۾ پروڪيورمينٽ ڪاميٽي جو اڳوڻو چيئرمين سعادت ميمڻ، ورڪر ويلفيئر بورڊ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امجد پنهور، ا سيڪشن آفيسر نويد احمد، ڊائريڪٽر فنانس عارف خليل هاشمي، انڊسٽريز کاتي جو  ڊپٽي ڊائريڪٽر  انسپيڪشن نصرت مختيار شامل آهن. جڏهن ته سيسي جي ڊائريڪٽر انجنيئرنگ محمد وسيم ۽ سائيٽ انجنيئر محمد ايوب کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف مختلف انڪوائرين کي منهن ڏيندڙ ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ ڊاڪٽر سعادت ميمڻ پرڏيهه وڃڻ جي تياري ڪري ورتي، ان ڏس ۾ ڪمشنر سيسي ڊاڪٽر سعادت ميمڻ جي 7 ڏينهن جي موڪل منظور ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر سعادت ميمڻ عمري تي وڃڻ چاهي ٿو، اي سي ايل ۾ نالو نه هجڻ ۽ ڪنهن به عدالت يا اداري کي انڪوائري ۾ گھربل نه هجڻ جي صورت ۾ سندس  12 کان 18 جنوري تائين جي موڪل منظور ڪئي وڃي ٿي،