سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي شهر ۾ بدامني  چوٽ چڙهيل چورين جي آزار سبب شهري واپاري سماجي ڌرين پاران شهر ۾ شٽر بند ڪري مک چونڪ مير واه موري تي سوين ماڻهن سيراڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان ڏس ۾  گذريل رات سيراڻي شهر جي  جنس جي واپاري ارجن ٺڪر جو نامعلوم چور  دڪان ٽوڙي دڪان ۾ پيل ٻه هرٻي جا 40 ڪٽا کڻي ويا جن جي ماليت ٻه لک ٻڌائي پئي وڃي. چورين بدامني خلاف واپاري شهري سماجي ڌرين جي اڳواڻي ۾   سيراڻي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي. اڳواڻن ۾ ميرمحمد ملواڻي،ارجن ٺڪر،سيد حاجن شاھ،سليمان کوسو،انيل ڪمار،ميرحسن خاصخيلي،صديق جوڻيجو،صالح رند ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ سيراڻي پوليس جو انچارج صالم کوسو جي اچڻ سان سيراڻي شهر ۾ چورين جو آزار منشيات سميت برايون چوٽ چڙهي ويون آھن چورن کي ڇوٽ ڏنل آھي جنهن سبب شهر ۾ دڪانن مان چوري سولر پليٽون لهڻ روز جو معمول بڻيل آھي هن انچارج جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب سيراڻي شهري غير محفوظ اهن شريف شهرين جو جئيڻ حرام ٿي ويو آھي علائقي واسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن هڪ هفتي اندر 10 کان وڌيڪ چوريون ٿي ويون آهن هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چو تہ هن سڀني چوري بدامني جو زميوار پوليس پوسٽ سيراڻي جو انچارج سالم کوسو آھي هنن آء جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته سيراڻي  انچارج سالم کوسو کي هٽائي ڪو ايمانداف آفيسر مقرر ڪري شهرين کي امن فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان سخت احتجاج  ڪنداسين.