سيراڻي ڀرسان پيءُ هٿان ڌيءُ قتل

0
325

سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان پيءُ پنهنجي ڌيءُ کي پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ، بخشو ديرو ۾ جوابدار الله بچايو ڪنڀر گهرو اڻبڻت تان 18 ورهين جي ڌيءُ انعم کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.
پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. ناري جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.