سيراڻي(ن پ ا) سيراڻي ڀرسان ڳوٺ مٺو ترڪ ۾ نوجوان اڪبر ترڪ پاران 18 سالا گلناز مٿان بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ۽ پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ان ڏس ۾ سيراڻي شهر ڀرسان ڳوٺ مٺو ترڪ ۾ نوجوان اڪبر ولد محمد ترڪ 18 سالا گلناز ڌي شريف ترڪ کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪرڻ کانپوء پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي جڏهن تہ وارثن جو چوڻ آهي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هڪ ٻئي کي چاهيندا هئا ۽ ڇوڪري جي سڱاوتي مائٽن پاران ٻئي هنڌ ڪرائڻ تي اهڙو سخت قدم کنيو آهن جڏهن تہ جاءِ واردات تي بدين ۽ سيراڻي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جي لاشن کي انڊس اسپتال بدين کڻائي وئي آهي جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوء مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو.