حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حضرت سيد دادن شاهه جهانيان رح جو ساليانو عرس 7 شوال 28 اپريل 2023ع جمعي جي ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، پروگرام مطابق صبح جو 10 وڳي سجاده نشين سيد زوار نقوي مخدوم جهانيان سنڌ درگاهه تي چادر چاڙهي عرس جي رسمن جو افتتاح ڪندو. 11 وڳي قرآن خواني ۽ 2 وڳي مجلس عزا ٿيندي، جنهن ۾ سوز و سلام محمد رضا حيدري، جاويد حسين وگهيو، شير علي وگهيو ۽ علي ڏنو وگهيو پڙهندا، جڏهن ته مولانا عبدالطيف شر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي شاهه رضوي خطاب ڪندا. رات جو راڳ جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ انو سولنگي، مظهر حسين ۽ وچن سنڌي سُر وکيريندا.