سيتاروڊ (ن پ ا) 15 جنوري ٿيندڙ بلدياتي چونڊ جي حوالي سان سيتاروڊ ۾ پ پ پ جي ھڪ اهم ووڪيٽ ڪري پئي، وارڊ نمبر ھڪ ۾ پ پ پ جي اميدوار حاجي عبدالطيف آرائين ڪجھه وقت اڳ پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي هئي، جنهن اڄ آر او وٽ پهچي رٽائرمينٽ لکي ڏني آھي،جنهن بعد اتي ڪو ٻيو اميدوار نه هجڻ تي سيتا سجاگ اتحاد جي آزاد اميدوار آصف علي خاصخيلي جي ڪاميابي يقيني آھي.آر او موجب ته  ڄاڻايل وارڊ ۾ چونڊ ٿيندي پر رٽائرمينٽ وٺندڙ جا ووٽ ڳڻپ ۾ نه ايندا.