سيتاروڊ ( ن پ ا ) سيتاروڊ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ميھر جا ڀاڻ ۾ خالي گھر اندر لاوارث حالت ۾ 30 ورھين جي عورت رخسانه سولنگي زال عبدالحميد ڀرٽ جو گوليو لڳل لاش ھٿ ، اطلاع ملڻ تي ڪچي واري ٿاڻي راڄو ديرو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ھيلٿ سينٽر سيتاروڊ آندو۔ سيتاروڊ اسپتال۾ رات واري شفٽ ۾ ليڊي ڊاڪٽر جي سھولت ميسر نه ھجڻ ڪري پوليس مقتول عورت جو پوسٽ مارٽم دادو مان ڪرائڻ بعد مڙھ سندس پيءُ انور سولنگي حوالي ڪيو۔ عورت جو مڙھ سندس وارث پنھنجي اباڻي ڳوٺ راڌڻ ڀرسان ڳوٺ ڦوٽو ماڇيَ کڻائي ويا۔ جتي آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد مقتول عورت جو مڙھ مٽيَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، ٻئي طرف راڄو ديرو پوليس موجب ته مقتول عورت جا وارث ٿاڻي تي آيا ھئا جن چيو ته تدفين بعد ڪيس داخل ڪرائينداسين ، ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي ، ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آھن ته عورت کي سندس ڏيرن مبينا گھر اندر ڪارنھپ تحمت جي الزام ھيٺ قتل ڪرڻ بعد رات جي وقت ئي گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن، مقتول عورت ڇھن ٻارڙن جي ماءُ ٻڌائي وڃي پئي۔