سيتاروڊ ( رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) هڪ لک آبادي واري شھر سيتاروڊ جا تعليمي ادارا تقريبن 25 سالن کان گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ هجڻ باوجود وس وارا خاموش تماشائي بڻيل آھن، سيتاروڊ جو تاريخي هاء اسڪول، هاير سيڪنڊري، اسڪول ۽ هاڻي مولوي عبدالغفور سيتائي ڊگري ڪاليج  جو به پاڙيوارن جو نيڪاسي وارو گندو پاڻي مقدر بڻجي ويو، پر ڪنهن هن مسئلي ڏانهن ڌيان نه ڏنو آهي.چونڊيل نمائيندن توڙي وس واري انتظاميا جي عدم دلچسپي تعليمي ادارن جي پاڙيوارن جون ڪئي سالن کان ناليون نه  ٺھڻ تي انهن جي نيڪر جي گندو بدبودار پاڻي اسڪول گرائونڊ ۾ اچڻ تي وڏي آڱند وارا هي تعليمي ادارا پنهنجي فطري سونهن وڃائي ويٺا آھن. سالن کان تلاء جي صورت ۾ بيٺل گندي بدبودار پاڻي سبب استاد شاگرد بدبوء سبب نڪ تي ڪپڙو ڏئي تدرسي عمل هلائڻ تي مجبور آهن،جڏهن ته استاد توڙي گيسٽرو، خارش، چمڙي جي بيمارين سميت ٻين بيمارين جو به شڪار ٿيا آھن. گرائونڊ پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ تي وڻڪاري ٻئي ساوڪ خوبصورتي کان محروم هجڻ سان گڏ استاد شاگرد راندين ۽ ٻئي تفريح کان به محروم آھن، هيلوڪي برساتن به هن پاڻي ۾ وڌيڪ اضافو آڻي تدرسي عمل سخت متاثر ڪيو آھي، جنهن سلسلي ۾ ڊگري ڪاليج ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال امتياز علي سولنگي، محمد رمضان لاکير، خالد حسين ساند ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته پاڙيوارن جو نيڪاسي نظام درست ۽ اسڪول گرائونڊ ۾ مٽي جو ڀراء وجهرائي گندي پاڻي مان نجات ڏياري وڃي، هنن اسڪول جا ٻيا مسئلا پڻ حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. هوڏانهن هاير سيڪنڊري اسڪول جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا آھن، تازي برسات اسڪول عمارت کي شديد نقصان پهچايو آھي، تعليم کاتي پاران عمارت جي ڪا سارسنڀال نه لهڻ ۽ ڪئي سالن کان عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري نئين عمارت ۾ مختلف ڏار پئجي ويا آھن، جڏهن ته هاء اسڪول جي عمات پڻ سخت متاثر ٿي آھي، هاء اسڪول ۾ فرنيچر، ڪلاسز ۽ استادن جي پڻ سخت کوٽ آهي.  ڊگري ڪاليج وٽ بيٺل پاڻي جو جائزو وٺڻ لاء آيل سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي جي ڪائونسل آفيسر خالد حسين ميمڻ پنهنجي موقف ۾ چيو آھي ته تعليم کاتي جي عدم دلچسپي سبب سيتاروڊ جا تعليمي ادارا گندي پاڻي جي ور چڙھيل آھن، وڏي بجيٽ باوجود ادارن ۾ مٽي جو ڀراء نٿو وجهرايو وڃي، گرائونڊ هيٺاهين ۾ هجڻ تي برساتي توڙي پاڙي جي نيڪر جو پاڻي اچي وڃي ٿو، جيڪو تدرسي عمل کي بهتر رکڻ لاء اسان هر ڀيري پاڻي ڪڍرائيندا رهون ٿا، هن ڀيري به پاڻي اسان ڪڍرائينداسين پر مستقل حل گرائونڊ ۾ مٽي وجهي مٿي ڪرڻ آھي جيڪو تعليم کاتي جي ذميواري آھي،