سيالڪوٽ ۾ مسيحي برادري جي احتجاج ۽ پوليس چڙهائي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي جلسي جو هنڌ تبديل

0
227
سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کان ڇڪتاڻ: ڪيترائي گرفتار

 

تحريڪ انصاف سيالڪوٽ ۾ مسيحي برادري جي احتجاج ۽ پوليس چڙهائي کانپوءِ جلسي جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون پوليس ۽ ٻين سان چڪريون پڻ ٿيون آھن

پنڊال مان تنبو ۽ ٻيو سامان هٽائڻ تان پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، جنھن دوران  پوليس شيلنگ جو استعمال ڪرڻ سان گڏ عثمان ڊار سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو

نون ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ وارا اسٽيڊيم ۾ جلسو ڪن ته کين نه روڪينداسين، مسيحي برادري پاران به جلسي خلاف احتجاج ڪندي چيو ويو ته گرائونڊ رڳو مذهبي تقريبن لاءِ آهي

پي ٽي آءِ پنجاب جي صدر شفقت محمود جلسي جو هنڌ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، شفقت محمود چيو ته جلسو هاڻي وي آءِ پي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندو

خواجا آصف جي هدايتن تي اسان جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، عثمان ڊار گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ جي سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي