سيالڪوٽ ۾ مشتعل هجوم سريلنڪا واسي مينيجر کي ماري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو

0
376
سيالڪوٽ ۾ مشتعل هجوم سريلنڪا واسي مينيجر کي ماري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مزدورن تي مشتمل هجوم ايڪسپورٽ مينيجر طور ڪم ڪندڙ سري لنڪا واسي همراهه کي تشدد ڪري مارڻ بعد باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو

صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس نفري موڪلي وئي آهي. سيالڪوٽ جي ضلعي پوليس آفيسر  عمر ملڪ موجب مقتول جي سڃاڻپ پريانٿا ڪمار طور ٿي آهي، جيڪو سري لنڪا جو شهري هو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي کي انتهائي ڏکوئيندڙ قرار ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي….(تفصيل اچن پيا)