سيالڪوٽ واقعي تي شوبز شخصيتون ڏکاريون، سخت مذمت

0
263

لاهور(شوبز نيوز ) پاڪستاني شوبز شخصيتن طرفان سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.ناليواري اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي چيو آهي ته هاڻي ڪا خطري جي ڳالهه ناهي، هاڻي سڀني کي خطرو آهي.فيصل قريشي چيو ته اهڙي شرمناڪ واقعي تي سڄي پاڪستاني قوم شرمسار آهي

گلوڪار عاصم اظهر چيو ته الله تعاليٰ اسان کي سمجهه، انسانيت ۽ برداشت عطا فرمائي.اداڪارا مهوش حيات چيو ته اهڙو انسانيت سوز واقعو ٿيو آهي جو اسان جو ڪنڌ شرم مان جهُڪي ويو آهي.جڏهن ته اداڪارا ماهرا خان وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته ”اهڙي شرمناڪ واقعي تي جواب ڏيو، ڪير ڏيندو انصاف؟