لاهور (م ڊ) سيالڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 75 تي ٻيهر ٿيل ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ ميدان ماري وئي، نوشين افتخار هڪ لک 10075 ووٽ کڻي کٽي وئي، تحريڪ انصاف جي اميدوار علي اسجد ملهي کي 16642 ووٽن تان بدترين شڪست ملي آهي. ليگي ڪارڪنن جو جشن، پنجاب جي تڪ اين اي 75 تي ڪالهه ٻيهر ننڍي چونڊ ٿي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي علي اسجد ملهي ۽ نواز ليگ جي نوشين افتخار ۾ وڏو دنگل ٿيو. تڪ جي ڪُل 360 جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا سامهون آيا آهن، غيرحتمي ۽ غيرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ جي اميدوار نوشين افتخار 111220 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو علي اسجد ملهي 92019 ووٽ کڻي هارائي ويو، نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ 19201 ووٽن جو فرق آيو. جڏهن ته نواز ليگ اميدوار نوشين افتخار ٽوئيٽر تي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ پڻ ڪئي. تڪ ۾ ڪل ووٽرز جو تعداد 4 لک 94 هزار آهي، جڏهن ته ووٽرز ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ سڀ کان وڌيڪ رهيو، واضح رهي ته 2018ع جي عام اليڪشن ۾ نواز ليگ جو افتخار الحسن عرف ظاهر شاهه اين اي 75 ۾ ڪامياب ٿيو هو، سندس وفات کانپوءِ سيٽ خالي ٿي. جڏهن ته نواز ليگ ڪاميابي جو جشن ملهايو، ڪارڪنن دهل شرنائن تي جمهوريون هنيون ۽ نعرا هنيا، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز ڊسڪا ۾ ڪاميابي رد عمل ۾ چيو آهي ته شاباس ڊسڪا، توهان هڪ ڀيرو ٻيهر ووٽ کي عزت ڏيو جي جنگ کٽي، مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو ته شاباس ڊسڪا جا بهادر عوام شاباس، شاباس نوشين، شاباس. مريم نواز آيت به لکي نصر من الله و فتح قريب، الله ڪريم، اڄ نوازشريف جو موقف کٽي ويو، نوازشريف جي سياست ختم ڪندڙ ياد رکن، نوازشريف هڪ نظرئي جو نالو آهي، جيڪو عوام جي دلين ۾ رهندو آهي. هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته غربت، مهانگائي جي ستايل عوام کان توکي ڪير به بچائي نه ٿو سگهي، اهو ڏينهن پري ناهي جو نواز ليگ جي حڪمراني هوندي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو ته ڊسڪا ۾ نواز ليگ جي ڪاميابي عمران حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، حڪومتي پارٽي کي هارائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومتي پاليسين کي شڪست ملي آهي، حڪومت کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙيون خاميون آهن، هن ڀيري شفاف اليڪشن ٿي پر ٽرن آئون گهٽ رهيو، هن چيو ته تحريڪ انصاف مقابلو ڪيو، جنهن جي تعريف ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ۾ جيت يا هار ٿيندي رهندي آهي، حمزه شهباز چيو ته اڄ ووٽ ۽ عوام کٽي ويا، چور ۽ سلڪيٽڊ هارائي ويا،