لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مارشل لا وارا ڏينهن هليا ويا، سياسي ۽ فوجي لاڳاپن ۾ برابري هجڻ گهرجي جيڪڏهن اختيار وزيراعظم وٽ نه هوندا ته نظام نه هلي سگهندو. ڪو به انتظامي نظام ان وقت ڪم نٿو ڪري سگهي جڏهن ذميواري چونڊيل حڪومت جي هجي پر اختيار ڪٿي ٻئي هنڌ هجن. ڊي ڊبليو اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ۾ هڪ حقيقت آهي، ستر سالن کان جيڪو انهن جو ڪردار آهي، اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي، ايئن نه ٿيندو، پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته چونڊيل حڪومت وٽ جيڪڏهن اختيار ناهي ۽ اهي اختيار ڪنهن ٻئي وٽ آهن ته ڪو به انتظامي نظام ڪم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته سياسي پارٽي وچ جو رستو ڳوليندي آهي پر اليڪشن جي ذريعي سياسي استحڪام بنا معيشت سنڀلجي نٿي سگهي. مون کي اليڪشن ۾ حڪومت جو موت نظر اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف 30 ضمني چونڊون کٽيون، ان جي باوجود اسٽيبلشمينٽ پوري طرح ان جي حمايت ڪري رهي هئي، اليڪشن ڪميشن غيرجانبدار نه هئي، انهن کي پنجاب ۾ ناڪامي جو خوف آهي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته مارشل لا جون ڌمڪيون غير آئيني آهن، پاڪستان ۾ مارشل لا جا ڏينهن هليا ويا، اڳي ئي اسان جون حالتون خراب آهن. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم نٿا ڪريو ته ان جو مطلب پاڪستان ۾ قانون ختم ٿي ويو، جهنگ جي قانون طرف وڃي رهيا آهيو، ايئن نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته ڏسنداسين اليڪشن ۾ ڇا ٿو ٿئي، اڃا نٿو چئي سگهان ته نتيجا قبول ڪندس يا نه، پنهنجي پارٽي جي ڪاميابي جي اميد آهي، اليڪشن ڪميشن مڪمل طور حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهي، اليڪشن ڪمشنر جو آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو اعلان آئين جي خلاف ورزي هو. ڏسنداسين ته چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو رويو ڪهڙو هوندو هن چيو ته مون اهو ناهي چيو ته جيڪڏهن 2 ڀاڱي 3 اڪثريت نه ملي ته چونڊ نتيجا قبول نه ڪندس، حڪومتي اتحاد ضمني چونڊن ۾ 37 مان 7 نشستون کٽيون کيس اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي حمايت به حاصل هئي، ضمني چونڊن ۾ عوام جي راءِ واضح هئي، پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪرڻ وڃي رهي آهي انڪري حڪومت اليڪشن کان ڊنل آهي، عمران خان چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ کان اڳ آئيني ماهرن سان مشاورت ڪئي هئي، سمورن آئيني ماهرن جو چوڻ هو ته اسيمبليون ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ لازمي آهن، 90 ڏينهن کان ٻاهر ويندا ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي، حڪومت چوي ٿي چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿين پوءِ چوندي ڊسمبر ۾ ڇو نه؟ ايندڙ سال ڇونه؟ جنرل ضياءَ به ائين ئي ڪيو هو پوءِ اسان 11 سال ڀوڳيو. هن چيو ته حڪومت مان نڪرڻ بعد جنرل باجوا سان 2 ملاقاتون ڪيون هو احتساب تي يقين نه رکندو هو ۽ ڪرپشن کي برو نه سمجهندو هو آئون قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو جيڪڏهن اوهان وٽ قانون جي حڪمراني ناهي ته پوءِ اوهان وٽ ڪرپشن آهي. اهڙو نظام نٿو هلي سگهي جنهن ۾ وزيراعظم کي پنهنجي پاليسين تي عملدرآمد جو اختيار نه هجي، اهڙو نظام نٿو هلي سگهي جٿي وزيراعظم جو اختيار فوج سان گڏيل هجي، هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نٿي مڃي ته پوءِ هو آئين جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃڻ تي عدالت توهين عدالت لڳائي سگهي ٿي، هن چيو ته آئون يقين ڏياريان ٿو ملڪ جا سمورا ماڻهو سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺل آهن،