سياسي ڇڪتاڻ ۾ ٻوڏ متاثر نه وسارڻ گهرجن

0
268
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ ٻوڏن جي ڪري ٿيل نقصان گهٽ ته نه ٿيو آهي آهي پر روز ان ۾ اضافو ئي ٿي رهيو آهي. ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ برساتن جي ڪري 5 ڏينهن اڳ 68 لک ماڻهو بي گهر ٿيل هئا جڏهن ته هاڻ تازو انگ 72 لک 48 هزار کان وڌي ويو آهي. اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ اندر وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿيا، جن کان پوءِ سنڌ اندر فوت ٿيندڙن جو تعداد 701 کان وڌي 707 ٿي ويو آهي، جن ۾ 297 ٻار، 278 مرد ۽ 132 عورتون شامل آهن، صوبائي ڊزاسٽر مينيجٽمينٽ اٿارٽي سنڌ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2 لک 90 هزار 197 چوپايو مال مري چڪو آهي، جڏهن ته 48 لک 60 هزار 259 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي، ڪالهه تائين سنڌ صوبي اندر ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙن جو تعداد وڌي 72 لک 48 هزار 66 تي پهچي ويو آهي. هڪ طرف ملڪ ۾ اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف وري ملڪ اندر سياسي جنگ جو ماحول تيار ٿي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جو سربراهه اعلان ڪري رهيو آهي ته هو ڇنڇر جي ڏينهن حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪندو، جنهن بعد ملڪ ۾ تبديلي اڻٽر ٿي ويندي. هو ملڪ اندر وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو. ٻئي طرف وري حڪومت آهي جيڪا وري انهن جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري رهي آهي. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه جو دماغ خراب آهي، هو ملڪ لاءِ نه ٿو سوچي. هن جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن ڀيري 25 مئي کان به سخت مهمان نوازي ڪنداسين. جيڪڏهن ڪنهن صوبائي حڪومت تحريڪ انصاف جي وڳوڙن واري سياست ۾ حمايت ڪئي ته ان خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. حالت اها آهي ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد کي ڄڻ ته هن وقت کان ئي سيل ڪيو ويو آهي. ريڊ زون ۾ ماڻهن جي اچ وڃ روڪي وئي آهي، سيڪورٽي جا جٿا مقرر ڪيا ويا آهن. ڄڻ ته اسلام آباد ۾ هن وقت کان ئي جنگ جو ماحول آهي. ڏٺو وڃي ته اها تحريڪ انصاف جي هن وقت کان ئي ڪاميابي آهي ته ان حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پر ٻئي طرف وري ڏسجي ته حڪومت تحريڪ انصاف کي به منجهائي ڇڏيو آهي ته اها ڪيئن تي پنهنجي احتجاج کي جاري رکي سگهي. يقين آهي ته اها عدالتن جو در کڙڪائيندي ۽ عدالتن جي حڪمن بعد واضح ٿيندو ته پي ٽي آءِ احتجاج ڪري سگهندي يا نه.

پر اسان سمجهون ٿا ته هن صورتحال ۾ جنهن عوام کي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي ان کي وساريو پيو وڃي. حڪومت جو سمورو ڌيان ٻوڏ متاثرن تي هجڻ گهرجي. دنيا مان امداد اچي رهي آهي، پئسا به مليا آهن پر پوءِ به عوام اڃا تائين بحال نه ٿيو آهي. انهن جا گهر ڪريل آهن انهن وٽ رهڻ لاءِ اجهو ناهي، کائڻ لاءِ اٽو ناهي ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ناهي ان ڪري هو بي يارو مددگار ٿي واجهائي رهيا آهن. سنڌ ۾ ته هن وقت ٻوڏ کي ڏيڍ مهينو گذرڻ بعد به ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جتي سوين ماڻهو موجود آهن جن تائين امداد جو ڪڻو به نه پهتو آهي پوءِ چاهي اها امداد سرڪاري هجي يا نجي ادارن يا اين جي اوز جي. اسان سمجهون ٿا ته اهو حڪومت جو فرض ته آهي ئي آهي پر اپوزيشن جي به ذميواري آهي ڇاڪاڻ ته اپوزيشن هميشه گورنمينٽ ان ويٽنگ هوندي آهي. جيڪڏهن هن وقت حڪومت يا مخالف ڌر پنهنجي پنهنجي سياسي راند ۾ مشغول ٿي عوام کي وساري ڇڏيو ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته عوام به توهان کي وساري ڇڏيندو ۽ ووٽ ڏيڻ جي وقت اهو ضرور ياد رکندو ته ڪهڙي سياسي پارٽي، سماجي ڌر يا وري اين جي اوز انهن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي ۽ ڪنهن سياسي راند ڪئي.