سياسي پارٽي جي عسڪري ونگ جو ٽارگيٽ ڪلر پوليس هٿان گرفتار

0
249

ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي

سر سيد پوليس ڳجهي اطلاع  تي سياسي پارٽي جي عسڪري ونگ جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي فيصل عرف ڪي ٽو طور سڃاڻپ ٿي آهي، جوابدار 2007 کان مختلف سياسي پارٽيز جي عسڪري ونگ جو اهم ميمبر هو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترن ئي ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ملوث رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ڪراچي ۾ بلڊر جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪوئيٽا ۾ سي ٽي ڊي جي

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري بلڊر جي قتل ۾ ملوث 2جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي

سائيٽ ايريا ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران بلڊر ڪاشف جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

انچارج سي ٽي ڊي موجب، گرفتار جوابدارن ۾ انس زاهد  حسين ۽ دانيال علي شامل آهن، ٻئي جوابدار ڀائر آهن، جوابدارن گلبهار واري علائقي ۾ فائرنگ ڪري بلڊر کي قتل ڪيو هو

ھي به پڙھندا

مڪلي ۾ جعلي عامل جو ڌيءُ تي تشدد، لاڪپ ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ: ڀيا -ڏاهاڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل، واٽهڙو سميت 2 زخمي