سياسي مونجهارا، معاشي بحران ۽ دهشتگردي

0
133
سياسي مونجهارا، معاشي بحران ۽ دهشتگردي

 اڳوڻي وزير اعظم عمران خان، اڳوڻي صدر آصف زرداري مٿان سنگين الزام هنيا آھن عمران خان آصف زرداري تي کيس  قتل ڪرائڻ دهشتگردن کي پيسا ڏئي ڇڏڻ جو الزام لڳايو آھي. اهڙا الزام لڳائڻ تي اڳوڻي صدر آصف زرداري عمران خان کي هرجاڻي جو نوٽيس ڏنو آھي ۽ اهو به چئي ڇڏيو آھي ته هرجاڻي جو ڪيس نه رڳو پاڪستان پر برطانيا ۾ به داخل ڪيو ويندو. عمران خان کي آصف زرداري تي لڳايل الزامن جا ثبوت ڏيڻا پوندا ٻي صورت  عمرن خان کي هرجاڻي جي رقم ادا ڪرڻي پوندي. عمران خان ماضي ۾ به مختلف اڳواڻن تي الزام لڳايا آھن پنجٽيھه پنڪچر چونڊن ۾ لڳائڻ جا به الزام لڳايا پر انهن الزامن جا ثبوت نه ڏئي سگهيو ، ڏسجي ته عمران خان آصف زرداري تي لڳايل الزامن جا ثبوت ڏئي سگهي ٿو يا نه” ڏسڻو ته اهو به آھي ته توشا خاني ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آھي انهي ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ملي ٿي يا نه جيڪڏهن عمران خان کي سزا ملي ٿي ته اهو پنج سالن لاءِ چونڊ وڙهڻ لاءِ نا اهل ٿي ويندو نه رڳو ايترو پر عمران خان لاءِ هن وقت ٽيريان جو ڪيس به وڏي پريشاني جو سبب لڳي رهيو آھي. عمران خان عدالت ۾ نه ٽيريان کي ڌي مڃڻ لاءِ تيار آھي نه ئي ان کان انڪاري آھي. عمران خان لاءِ انڪار ڪرڻ هن دور ۾ مشڪل ان ڪري به آھي جو ٽيريان جو ڊي اين اي ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن عمران خان ٽيريان کي ڌي مڃي وٺي ٿو ته عمران خان جنهن  رياست مدينه جي ڳالھه ڪندو آھي ان جي سربراهه لاءِ سندس سي وي خراب ٿي ويندي. عمران خان گهڻن مهينن کان لاهور ۾ رڪيل آھي هو بني گالا اچڻ جا سانباها ته مهيني ڏيڍ کان ڪري رهيو آھي پر هو لاهور کان بني گالا اچڻ لاءِ حتمي فيصلو نه پيو ڪري سگهي. شايد اهو فيصلو عمران خان لاءِ ڪرڻ ان ڪري به مشڪل ٿيندو هجي جو عمران خان جي گرفتاري جا به افواهه هلي رهيا آھن. پنجاب،ڪي پي  جون حڪومتون ختم ڪرائڻ بعد اتي نگران حڪومتون قائم ٿي چڪيون آھن مطلب ته هاڻي ٻنهي صوبن جون حڪومتون ايئن عمران خان جي چوڻ ۽ مرضي موجب  نه  هلي سگهنديون جيئن اڳ پي ٽي آءِ جون حڪومتون هلنديون هيون. عمران خان پاڻ ئي ٻنهي صوبن مان پنهنجون حڪومتون ختم ڪرائي ڇڏيون، هاڻي عمران خان گلگت يا آزاد ڪشمير ۾ وڃي ته اتي پي ٽي آءِ جون حڪومتون آھن. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته اسلام آباد جي ڪجھه صحافتي حلقن ۾ صدر عارف علوي ۽ عمران خان وچ ۾ اختلافن جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن.

ڪجھه صحافين کي ته اهو به چوندي ٻڌو آھي ته عمران خان عارف علوي کي چيو آھي ته جيڪڏهن ڪجهھ نٿا ڪري سگهو ته پوءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو. جيڪڏهن عارف علوي صدارت تان استعيفيٰ ڏني ته پنجاب، ڪي پي ۽ قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل تڪن تي چونڊ تائين صدر جي عهدي تي چونڊ نه ٿي سگهندي پر ان سان صادق سنجراڻي جا وارا نيارا ٿي ويندا اڻ سڌي طرح موجوده حڪومت کي ان جو فائدو ٿيندو ڇو ته صادق سنجراڻي کي عدم اعتماد آڻي هي حڪومت هٽائي نئون سينيٽ چيئرمين به آڻي سگهي ٿي يا صادق سنجراڻي کي مرضي موجب هلائي سگهي ٿي. بحرحال اهو سوال آھي ته ڇا عمران خان سياسي طور انتهائي نقصانڪار فيصلو ڪندي عارف علوي کان صدارت تان استعيفيٰ ڏياريندو؟ ڏسجي ته ملڪ اندر عجيب صورتحال ٿي وئي آھي. لڳ ڀڳ هر شعبي ۾  مسئلن جو انبار لڳل آھي مسئلا ۽ مشڪلاتون ايتريون وڌي قداور وڻ ٿي ويون آھن جو هر ڏسا اهي سوال ڪر کڻي بيٺل آھن ته هاڻي ڇا ٿيندو ؟ اهڙو سوال اڄڪلھه سخت ڳڻتي ۽ پريشاني ۾ مبتلا هر والدين ۽ ڀينرن جي ڀائرن کي هٿوڙو ٿي دماغ ۾ لڳي رهيو آهي. انهن جي ڳڻتي ۽ پريشاني جو سبب سون جي في تولي جي قيمت 2 لک روپين کان وڌي وڃڻ آھي انهن جي ذهنن ۾ اهو سوال هر وقت ڪر کڻي ستائي رهيو آھي ته ڇا سون جون قيمتون گهٽ ٿي سگهنديون؟ وڏي مثبت سوچ کان ڪم وٺڻ باوجود کين سون جو اگھه  گهٽ ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي، جنهن بعد کين اهو سوال ستائي رهيو آھي ته هاڻي نياڻي ۽ پٽ  جي شادي ۾ کين تولو ٻه سون ڪيئن ڏئي سگهبو. ايئن کين سون نه ڏئي سگهڻ سبب سماج ۾ کين ۽ اولاد کي مهڻا طعنا ملندي محسوس ٿي رهيا آھن.  سوال ته ملڪ اندر اهو به ڪر کڻي بيٺل آھي ته جنهن تيزرفتاري سان ڊالر جي قدر ۾  اضافو ٿيو آھي ڇا ڊالر جي قدر ان رفتار سان هيٺ اچي سگهندي جن ڪاروباري ۽ حڪومتي اڳواڻن کي اهو سوال ستائي رهيو آھي کين اهو معلوم آھي ته پاڪستان ۾ شين جا اگھه ته تيزي سان وڌندا آھن پر شين جا اگھه گهٽ ٿيڻ ايترو سولو نه آھي. ڳالھه ڊالر جي هلي رهي آھي ته ڊالر جي قدر ۾ ٿيل واڌ سبب ٿيندڙ مهانگائي کان پريشان  ماڻهن کي شايد اهو اندازو ئي نه آھي ته پاڪستان ۾ آيل آءِ ايم ايف جي وفد سان جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته ان جي نتيجي ۾ مهانگائي ڏانئڻ جو روپ ڌاري سامهون ايندي ڇو ته بجلي، گيس سان گڏ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ته اضافو ٿيندو پر اضافي ٽيڪس به لڳندا جنهن جو به اثر عام ماڻهن تي ئي پوندو. ان باوجود حڪومت وٽ آءِ ايم ايف جا شرط قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه آھي.

حڪومت ته ذهني طور آءِ ايم ايف جو فرمائشون پوريون ڪرڻ جو ذهن ٺاهي چڪي آھي ته جيئن موجوده معاشي صورتحال مان نڪري سگهجي. آءِ ايم ايف جي آيل وفد پاران نائون معاشي جائزو ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي حڪومت ته شڪر ادا ڪندي پر عوام لاءِ اها خوشخبري بجاءِ وڌيڪ مهانگائي لاءِ تيار ٿي وڃڻ جو اشارو ٿيندو.

آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪاميابي بعد حڪومت کي آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالرن جي قسط جاري ڪندي، اها رقم ايڏي وڏي نه آھي پر آءِ ايم ايف پروگرام ملڻ سان دنيا جا معاشي ادارا پاڪستان کي وڌيڪ قرض به ڏيندا ۽ رهيل قرض کي سال بعد ادا ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي ويندا.جيڪڏهن  آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل رهي ٿو ته پاڪستان لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون. قرضن جي واپسي لاءِ رقم جو بندوبست ڪرڻ پاڪستان جي وس جي ڳالھه نه آھي اهڙي صورتحال ۾ آءِ ايم ايف جا شرط تسليم ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ڪو رستو نه آھي پر سوال هي آھي ته عام ماڻهو مهانگائي کي ڪيئن برداشت ڪري سگهندا ۽ عام ماڻهن کي رليف ڪيئن ۽ ڪهڙو ملي سگهندو هاڻي ڇا ٿيندو؟ سوال ته ملڪ اندر وڌي ويل دهشتگردي جي ڪاررواين سبب به هر ماڻهن جي ذهن ۾ڪر کڻي بيٺا آھن. پشاور پوليس لائين ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ هڪ سو ماڻهن جي فوت ٿيڻ سبب هاڻي ضرب عضب آپريشن جهڙي آپريشن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. سوال هي آھي ته ڇا هڪ وڌيڪ آپريشن بعد دهشتگردي ختم ٿي ويندي. اهو اهڙو سوال آھي جنهن جو شايد حڪمران به ها ۾ جواب نه ڏئي سگهن ڇو ته هن وقت ملڪ اندر ٿيل دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ جنهن طالبان جي ملوث هجڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن انهي طالبان لاءِ هتي گڊ ۽ بيڊ طالبان جي ته پاليسي آھي  پر افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد دنيا کي انساني بنيادن تي طالبان حڪومت جي مدد ڪرڻ جون جيتريون اپيلون عمران حڪومت ڪيون اوتريون ته اپيلون افغانستان ۾ طالبان جي قائم حڪومت به نه ڪيون آھن. عمران خان ته افغانستان ۾ طالبان جي  حڪومت جي قيام واري عمل کي آزادي حاصل ڪرڻ قرار ڏنو هو ۽ سخت مخالفت باوجود طالبان سان ڳالهيون شروع ڪيون هيون ۽ اهي ارادا به ظاهر ڪيا ويا هئا ته کين روزگار جا ذريعا به پيدا ڪري ڏيڻا پوندا . جيڪي طالبان ملڪ ۾ رياست کي چئلينج ڪن ٿا هڪ هڪ واقعي ۾ سو سو ماڻهو ماري وجهن ٿا انهن کي ڳالهين ذريعي سمورن ڪيسن کان آجو ڪرڻ لاءِ لچڪ وارو رويو طالبان کي رياست جي ڪمزوري محسوس ٿي سگهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آھي ته ملڪ اندر دهشتگردي جي سنگين ڪيسن ۾ ملوث طالبان حڪومت اڳيان اهڙا  شرط رکي ڇڏيا جن کي تسليم ڪرڻ ته حڪومت جي وس جي ڳالھه نه آھي پر حڪومت ڳالهين ۾ ڪهڙا شرط رکيا ويا اهي ٻڌائي به نٿي سگهي.

پشاور واقعي بعد گهرو وزير رانا ثناءُالله ۽ بچاءُ جو وفاقي وزير خواجه آصف اهو محسوس ڪرائي رهيا آھن ته ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۾ افغاني ملوٽ آھن. خواجه آصف ته آمريڪا جي چوڻ تي تيار ڪيل مجاهدين جو فيصلو ۽ سوويت يونين خلاف ويڙهه ۾ حصو ٿيڻ کي ته غلط فيصلو قرار ڏنو پر افغاني مهاجرن کي هتي آباد ڪرڻ واري پاليسي کي به غلط قرار ڏنو آھي. سوال هي آھي ته ماضي ۾ جنرل ضياءَ جي ان عمل بعد ٽي ڀيرا نواز ليگ جي حڪومت آئي پوءِ ان کي انهي غلط پاليسي کي درست ڪرڻ جي همٿ ڇو نه ٿي؟ ڇا جڏهن ڪو وڏو واقعو ٿئي ان عمل کي ماضي جي غلط فيصلن جي کاتي ۾ وجهڻ لاءِ حوالا ڏيڻ ئي ڪافي آھي. خواجه آصف ته قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ اهو به انڪشاف ڪيو آھي ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ گذريل سال ڏيڍ ۾ ساڍا چار لک افغاني  دستاويزن تي افغانستان کان پاڪستان آيا جيڪي واپس نه ويا آھن. خواجه آصف اهو به چيو آھي ته 30 لک غير قانوني رهندڙ افغانين سوڌو ڪل 50 لک افغاني ملڪ اندر رهي رهيا آھن. سوال هي آھي ته اڳوڻي حڪومت ۾  ڪنهن جي منظوري سان افغاني پاڪستان آيا ۽ اهي جيڪڏهن واپس نه ويا آھن ته انهن کي حڪومت واپس ڇو نه موڪلي رهي آھي، ڇا حڪومت جو ڪم رڳو بيان ڏئي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏڻ آھي؟ جيڪڏهن حڪومت محسوس ڪري رهي  آھي ته ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي ۾ افغانستان مان آيل افغانين جي ملوث هجڻ جا امڪان آھن ته حڪومت کين واپس موڪلڻ لاءِ متحرڪ ڇو نظر نه اچي رهي آھي. حڪومت جون ڳالهيون ۽ عملي ڪردار ۾ تضاد آھن. ماضي ۾ به اهي تضاد حڪومتن ۾ رهيا آھن نتيجي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻه کان وڌيڪ آپريشن ٿيڻ باوجود دهشتگردي رياست جي رٽ کي للڪاري رهي آهي. هڪ هڪ واقعي ۾ سئو سئو ماڻهو ماريا وڃن ٿا دهشتگرد اهڙا واقعا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.اصل ۾ طالبان بابت جيستائين رياست واضح پاليسي اختيار نه ڪندي گڊ ۽ بيڊ طالبان جو تاثر ختم نه ٿيندو تيستائين انهن جو خاتمو ڪيئن ممڪن آھي. بحرحال ٻين چئلينجن سان گڏ دهشتگردي جون شروع ٿيل ڪارروايون به حڪومت لاءِ چئلينج ٿي سامهون اچي چڪيون آھن جيئن دهشتگرد ڪاررواين ۾  تيزي اچي رهي آھي ان مان لڳي ٿو ته هڪ پلاننگ ۽ خاص ٽارگيٽ تحت اهي ڪارروايون ٿي رهيون آھن. اهي حدف ڪهڙا آھن انهن بابت يا ته طالبان ڄاڻين ٿا يا وري انهي بابت حڪومت کي معلوم هوندو مرض کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ليپو  پوچي سان هي دهشتگردي ختم نه ٿي سگهندي.