سياسي معاملا عدالتن ۾ ڪڏهن به حل نه ٿي سگهندا

0
199
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اهو سڀ ڪجهه سياسي معاملا عدالتن ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش جو ئي نتيجو آهي، جو معاملا بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهيا آهن ۽ وڌيڪ منجهي رهيا آهن جنهن ڪري عدالتي فيصلن تي به آڱريون کڄي رهيون آهن. جيڪڏهن هڪ ڌر کي سياسي فيصلن مان فائدو ٿئي ٿو ته ٻي ڌر ناراض ٿي وڃي ٿي. جڏهن ڌريون ڏسن ٿيون ته سندن مرضي جا فيصلا  نه ٿي رهيا آهن ته اهي پنهنجو دٻاءُ وڌائي ڇڏين ٿيون، عدالتون عارضي حل ڪڍڻ لاءِ فيصلا ڏئي ٿيون ڇڏين پر مستقل طور اهي فيصلا نه رڳو نظام پر خود عدليه لاءِ به ڏکيايون کڻي ٿا اچن، جنهن جو تازو مثال پنجاب جي وڏي وزير ي چونڊ ۾ عدليه طرفان ووٽ نه ڳڻڻ وارو فيصلو هو جنهن ڪيترائي رستا کولي ڇڏيا آهن ۽ هر ڌر انهي فيصلي جو سهارو وٺي پنهنجي پسند جي تشريح ڪري پنهنجي مرضي سان آئين ۽ قانون کي استعمال ڪري رهي آهي. جيئن پنجاب  ۾ وڏي وزير جي چونڊ دوران ووٽ رد ڪرڻ واري ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ سبب معاملو هاڻي وري سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

سپريم ڪورٽ وڏي وزير جي اميدوار پرويز الاهي جي درخواست تي شنوائي ڪندي جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن انهي مان ئي ايئن ٿو لڳي ته سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو منجهيل هو جنهن تي سپريم ڪورٽ پاڻ چئي رهي آهي ته مسئلو فيصلي جي تشريح جو نه پر سمجهڻ جو آهي ته اسان جي فيصلي کي ڊپٽي اسپيڪر ڪيئن سمجهيو. هاڻي ڌريون پنهنجي پنهنجي حق ۾ دليل ڏئي رهيون آهن جيستائين سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري تيستائين ملڪ جو وڏو صوبو وري هڪڙي آئيني ۽ سياسي بحران ۾ ڦاٿل هوندو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي عدالت جي اهڙن فيصلن سبب معزز ججن خلاف هڪڙي مهم هلي رهي آهي.جڏهن ته حڪمران اتحاد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي حل لاءِ فل ڪورٽ گهرائي وڃي ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها گهر ڪنهن حد تائين جائز به آهي جڏهن سپريم ڪورٽ ووٽ رد ڪرڻ وارو فيصلو ڏنو هو ته ان ئي وقت ٻن ججن اختلافي نوٽ ۾ ۽  قانوني ماهرن پنهنجي راءِ  ۾ اهڙي فيصلي  کي آئين ۾ ترميم جي برابر ڪوٺيوهو، جنهن جو اختيار سپريم ڪورٽ کي ناهي.

هاڻي به جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي ووٽ رد ڪرڻ واري رولنگ بابت ڪو به فيصلو ڏئي  ٿي ته ڪا به هڪ ڌر انهي کي قبول نه ڪندي جنهن به ڌر جي سياسي مفاد کي ڌڪ لڳندو اها ان فيصلي خلاف عوام کي روڊن تي وٺي ايندي جنهن جا امڪان هن وقت کان ئي ظاهر آهن. الزام رڳو عدالتي فيصلن  تي به نه ٿو لڳائي سگهجي سياسي ڌريون به دانشمندي ڏيکارڻ بدران ٿوري سياسي مفاد لاءِ پنهنجا سياسي ۽ پارليامينٽ جا معاملا عدالتن  ۾کڻي ٿيون اچن جنهن ڪري ئي جمهوري نظام جنهن ۾ پارليامينٽ ئي سڀني کان سپريم  هوندي آهي اها سڀني کان وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي. جنهن پارليامينٽ کي ٻين ادارن بابت فيصلا ڪرڻ گهرجن ان پارليامييٽ بابت  فيصلا ٻيا ادارا  ڪري رهيا آهن ۽ ان پارليامينٽ جي فيصلن کي ڪير مان ئي نه ٿو ڏئي. جڏهن سياسي ڌريون جيڪي ان پارليامينٽ جون محافظ هئڻ گهرجن اهي ئي مان نه ڏينديون  ته ٻيو ڪير ان جي احترام  لاءِ اڳيان ايندو.

اسان سمجهون ٿا ته پنجاب جو معاملو سياسي آهي جنهن کي عدالت ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سان هڪ بحران مان ٻيو بحران پيدا ٿي رهيو آهي.تنهن ڪري سياسي ڌريون پنهنجا پارليامينٽ ۾ حل ڪرڻ جي ڪُوشش ڪن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو،جيڪڏهن عدالتون به آئيني تشريح کان اڳتي وڌي سياسي معاملن تي  ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ فيصلا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديون ته انهن فيصلن تي آڱريون کڄنديون ۽ عدالت جو وقار تي سوال اٿندا.ڇو ته عدالتن جو ڪم ڪنهن کي خوش ڪرڻ نه پر آئين تحت فيصلا ڏيڻ آهي جيڪڏهن هڪ ڌر کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻي ڌر هر حال ۾ ناراض ٿيندي.