سياسي ماڻهو انصاف نه پرمن پسند فيصلا چاهين ٿا:چيف جسٽس

0
244
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل خلاف اسٽي آرڊر واپس وٺڻ، فل ڪورٽ جوڙڻ ۽ جسٽس مظاهر کي بينچ کان ڌار ڪرڻ واريون استدعائون رد ڪري ڇڏيون آهي

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سياسي ماڻهو انصاف نه پر من پسند فيصلا چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ جي ججز جو فيصلو عدالت جو فيصلو هوندو آهي، هر ادارو سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي،7 سينيئر ججز ۽ فل ڪورٽ ٺاهڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي

 سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل بابت پارليامينٽ جي ڪارروائي جا تفصيل طلب ڪري ورتا، پاڪستان بار ڪائونسل جي حسن رضا پاشا سينيئر ججز کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي

 حسن رضا پاشا چيو ته بينچ ۾ شامل هڪ جج خلاف 6 کان وڌيڪ ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن، جسٽس مظاهر علي کي بينچ کان ڌار ڪيو وڃي

چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به جج خلاف ريفرنس اچڻ جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي، جيستائين ريفرنس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر نه ٿئي ان جي ڪا به اهميت نه آهي، عدالت سمورين ڌرين کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا روڪڻ بابت اپيل رد