سياسي ليڊر ڪيترو بااختيار هجي؟

0
236
سياسي ليڊر ڪيترو بااختيار هجي؟

 قومن جي تاريخ ۾ ۽ سماجن ۾ فرد جو ڪردار ڪهڙو ٿو جڙي، انهيءَ تي تمام گھڻو فلسفيانا بحث ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت تائين ٿيندو رهي ٿو. هڪ نقطه نظر هي رهيو آهي ته فرد ئي سماج کي تبديل ڪري سگھي ٿو ۽ فرد ئي تاريخ جا رخ طئي ڪندي قوم يا سماج کي هڪ خاص مقام تائين پهچائي ٿو سگھي ۽ فرد ئي آهي جيڪو ڪمال سان گڏوگڏ قومن جي زوال ۽ بدترين بربادي جو سبب ٿو بڻجي. هن مختصر مضمون ۾ پاڻ تفصيلي بحث ته نٿا ڪري سگھون پر هڪ بنيادي اصول، جنهن کي هر مڪتبهء فڪر تسليم ٿو ڪري، پاڻ رڳو ان کي آڏو رکندي پنهنجي موضوع جي طرف اينداسين، يعني اهو هي ته ڪو به نظريو سماج ۾ ان وقت تائين پنهنجو اثر نٿو ڇڏي سگھي، جيستائين سماج کي ان جي ڀرپور ضرورت نه هجي. سماجي، معاشي ۽ تاريخي حالتون نظرين جي لاءِ نه رڳو ماحول پيدا ڪنديون آهن پر نظريي کي قبول ڪرڻ جي لاءِ راھ هموار به ڪنديون آهن. تنهن ڪري انهن سماجي حالتن جي بنيادن تي باشعور فرد نظريي کي اهڙي انداز ۾ ترتيب ڏيندو آهي، جو اهو نظريو باآساني ۽ سادي انداز سان عام ۽ خاص کي سمجھ ۾ اچي سگھي. تنهن ڪري اهي نظريا، جيڪي عوام جي سمجھ ۾ باآساني آيا آهن، انهن کي پذيرائي به ملي آهي ۽ اهي ڪامياب ٿيا آهن پر اهڙا نظريا، جيڪي پنهنجي سادگي واري پهلو کان تمام گھڻا ڪمزور رهيا آهن، انهن جي پوئلڳي گھٽ ئي ٿي آهي، ڇو ته اهي سمجھ ۾ گھٽ ايندا آهن ۽ نظريائي آهن، جن سماج کي ترتيب ڏيندي اڳتي وڌائڻ يعني سماجي ارتقا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. تنهن ڪري قدرتي طور تي باآساني سان سمجھ ۾ اچي ٿو ته فرد جو ڪردار تمام گھڻو اهم ۽ مٿانهون آهي، ڇو ته نظريي جو خالق جيئن ته فرد ٿئي ٿو، تنهن ڪري فرد جو ڪردار تمام گھڻو مٿانهون ٿئي ٿو. پراڻي دور جي عقيدن ۽ نظرين کان پوءِ سماجي جوڙجڪ ۾ ۽ معاشرتي معاشي ترقي جي لاءِ جڏهن لازم محسوس ڪيو ويو ته عوام کي حڪومت سازي ۾ يعني سياسي عمل ۾ شامل ڪجي ۽ فردِ واحد جي حڪومت يا ان جا اختيارات گھٽ ڪيا وڃن، يعني بادشاهت کي ختم ڪجي ته پوءِ سياسي عمل جو هڪ دور شروع ٿيو، يعني جمهوري جدوجهد، خاص ڪري انقلاب فرانس کان پوءِ وڌيڪ تيزي سان وڌڻ لڳي، جنهن پهريان يورپ کي متاثر ڪيو ۽ پوءِ ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا تي پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ بادشاهت جو دور ختم ٿيندي جمهوريت جو دور شروع ٿيو پر هن جمهوري دور جي اندر هڪ الميو هي به رهيو ته فرد جي حڪومت ۽ طاقت ته ختم ڪئي يعني بادشاهت کي ته ختم ڪيو ويو پر بادشاهت کان پوءِ ليڊر جي حيثيت تقريبن لڳ ڀڳ بادشاھ واري ئي رهي. پهريان بادشاھ فوج ۽ طاقت جي بنيادن تي حڪومت ڪندا هئا پر ليڊر عوام ۾ پنهنجي مقبوليت ۽ پارٽي جي اندر پنهنجي انفرادي طاقت کي اڳتي وڌائي اهوئي مقام حاصل ڪيو، جيڪو پهريان بادشاھ کي حاصل هو. اهو سڀ ڪجھ ٿيڻ ارتقا جي اصولن جي مطابق لازم هو. چاهڻ يا نه چاهڻ جي باوجود ائين ئي ٿيڻو هو ۽ ان جي ٿيڻ کان پوءِ ئي جڏهن محسوس ڪيو ويو ته جي سياسي ليڊر تمام گھڻو با اختيار رهندو ته پوءِ جمهوريت آڻڻ جي ضرورت نه هئي. هي ڪنهن به لحاظ کان ٺيڪ ناهي ته عوامي مينڊيٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ فرد با اختيار ٿي وڃي ۽ پارٽي جو ڪو به ڪردار نه رهي. تنهن ڪري فرد جي ان اختيار کي گھٽائڻ جي لاءِ اهائي ڪوشش ڪئي وئي ته پارٽي قيادت هڪ مخصوص وقت کان پوءِ تبديل ڪئي وڃي ۽ عوام کي فرد جي پُر اثر شخصيت سان گڏوگڏ، بلڪه انهيءَ کان وڌيڪ پارٽي جي پروگرام ۽ نظريي جي طرف آندو وڃي. اهو ترقي يافته معاشرن جي اندر جتي جمهوريت جي ارتقا صدين جو سفر طئي ڪري اڳتي وڌي آهي، اتي ته اها شيءَ ۽ اهو عمل نظر اچي ٿو پر ترقي پذير ملڪ جي اندر جتي سماجي پيداواري رشتا جاگيرداري ۽ صنعتي ڳانڍاپن ۾ وڌيڪ جڙيل آهن، سماج ڪافي پنهنجي قدرن ۾ نظرين کان وڌيڪ عقيدن ۾ ڦاٿل آهي، ان سماج ۾ فرد جو ڪردار پارٽي کان وڌيڪ سگھارو ۽ طاقتور آهي.

اهڙن سماجن ۾ ڪوشش اهائي ڪئي ويندي آهي ته فرد جي گرد سياسي عمل ۽ پارٽي جو نظريو رهي، خاص ڪري هن اسان جي خطي جي اندر يعني برصغير ۾ ليڊر جي اها حيثيت وڌ کان وڌ طاقتور انداز ۾ مسلط ٿيل آهي ۽ خاص ڪري وري ان خطي ۾ پاڪستان ٻه قدم سڄي خطي کان اڳتي وڌيل نظر ٿو اچي، جو ليڊر پوري پارٽي جي مٿان اهڙي انداز ۾ پنهنجي گرفت رکي ٿو جو پارٽي جو ڪو به ادارو ان جي ان طاقت کي نه چئلينج ڪري ٿو، نه گھٽائي ٿو ۽ نه وري تنقيد ئي ڪري ٿو. ڪوشش پارٽي جي اندر رڳو اها ڪئي ويندي آهي ته ڪهڙي طرح پارٽي جي ليڊر کي پنهنجي اعتماد ۾ رکجي يعني ان جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر سطح جا ڪم ۽ ڪرتوت ڪيا وڃن. ليڊر کي پارٽي جو هڪ روح ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيڪڏهن پارٽي جو هي ليڊر پارٽي کان الڳ ٿيو ته پارٽي مان روح نڪري ويندو ۽ پارٽي هڪ بي جان بوتو بڻجي ويندي. اهائي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي عوام جي ذهنن ۾ ان جي شخصيت کي وڌ کان وڌ وڌائي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ليڊر ان جو فائدو کڻندي پارٽي ۾ پنهنجي گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪندو ٿو رهي. هن ۾ اهو ڏانءُ آساني سان اچي ٿو وڃي ته ڪهڙي طرح پارٽي جي مٿان پنهنجي اها طاقت برقرار رکجي ۽ انهيءَ ۾ وقتن به وقتن واڌارو آڻجي. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ سڀئي پارٽيون پنهنجن ليڊرن جي چوگرد گھمندي نظر ٿيون اچن، خاص ڪري هن وقت جنهن بري وقت مان پي ٽي آءِ گذري پئي ته اسان کي هي وڌيڪ باآساني سمجھ ۾ اچي ٿو ته عمران خان پارٽي جي اندر تمام گھڻو با اختيار هجڻ جي ڪري پارٽي کي جيترو هن فائدو ڏنو آهي ته انهيءَ کان وڌيڪ پارٽي کي نقصان به ڏيندو پيو اچي، يعني گذريل اليڪشن کان پوءِ پنهنجي ڪابينا جوڙڻ سان گڏوگڏ خاص ڪري پنجاب جي اندر عثمان بوزدار جو فيصلو پارٽي جي مشاورت جي بجاءِ صرف ۽ صرف هن پاڻ ڪيو. اهڙي طرح حڪومت جو معاملو وڌائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان جيڪو ساٿ نڀايائين ۽ جيترو وري ٽڪراءَ ۾ آيو، اهو به سمورو طريقيڪار هن جو پنهنجو ئي هو ۽ بي اعتمادي جي رٿ کان پوءِ پوري پارٽي کي صرف اشارن تي هلائڻ جو پابند ڪيو هو. پارٽي طاقت سان مقابلي ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي شخصي طاقت کي ئي سڀ ڪجھ سمجهندو رهيو. اهوئي سبب هو جو هن قومي اسميبلي مان استعيفائن جو فيصلو ڪري پي ڊي ايم جي لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي. معاملو صرف اتي نه بيٺو، جڏهن هن پنجاب اسيمبلي ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ته اهو به هن جو شخصي فيصلو هو، ڀلي هو باجوه ۽ ٻين تي الزام لڳائي پر حقيقت اهائي آهي ته عمران خان انهن تمام فيصلن جو پاڻ ئي ذميوار آهي.

هن ملڪ جو هڪ وڏو الميو رهيو آهي ته ليڊر جا همنوا ۽ هن جي ويجھو رهندڙ گروھ هن تي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ يا اختلاف رکڻ جي بجاءِ صرف ها ۾ ها ملائيندا آهن ۽ اهائي انڌي پوئلڳي خوشامدي حڪمت عملي پوري پارٽي کي تباھ ۽ برباد ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن پارٽي ڪمزور ٿي وڃي ٿي، ليڊر جي سياسي حيثيت گھٽجي ٿي وڃي ته پوءِ اهي ئي خوشامدي آواز بدلجي بيان ڏيڻ شروع ڪندا آهن ته هنن تمام ڪمزورين ۽ نقصان جو ذميوار خود ليڊر پاڻ هو پر جيڪڏهن پارٽين جي اندر ادارا هجن ۽ پارٽي ۾ سڀ کان پهريون اهو اصول طئي ٿيل هجي ته ليڊر پارٽي جي اندر فيصلن ۾ ڪيترو با اختيار آهي ۽ ڪيترو با اختيار هجڻ گھرجي ته صورتحال اهڙي انداز سان ڪڏهن به بگڙجي نٿي سگھي، جيئن ملڪي نظام ۾ شخصي حڪومتون تباھ ۽ بربادي آڻڻ کان سواءِ ڪجھ نٿيون ڏين. ساڳئي طرح خود پارٽين جي اندر ليڊر بي پناھ اختيار رکڻ جي نتيجي ۾ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. اسان کي تاريخ هي ٺيڪ طرح سان سمجھائي ٿي ته فرد جي مقابلي ۾ اداري جي وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت آهي. فرد جو بهترين ڪردار اهو ٿو ٿئي ته هو ادارن کي جوڙي ۽ ادارن جي فيصلن جو پاڻ کي پابند ڪري ۽ اهو سڀ کان پهريان خود پنهنجي ذات پنهنجي پارٽي کان شروع ڪري. هي معاملو رڳو عمران خان جو نه پر هن ملڪ جي سڀني پارٽين خاص ڪري رولنگ ڪلاس جو ساڳيو آهي. تقريبن پارٽين کي نقصان ڏيندڙ فيصلا پارٽي جي ادارن ناهن ڪيا پر ليڊرن ڪيا آهن پر جيئن ته ليڊر سان مفادات گھڻا جڙيل رهيا آهن، انهيءَ ڪري نه ان تي تنقيد ٿي، نه ان جي اختيارات کي بحث ۾ آڻڻ جو سوال اڳتي ٿو آڻجي.