اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيت جي اجلاس ۾ وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ وارو مارو توڙي لنڊن ۾ سڌ سما ءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران ڪيل بدتميزي وارو مامرو پهچي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سينيٽرن پاران پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله نيازي جي گهر ايف آءِ اي جي ڇاپي تي احتجاج، حڪومتي سينيٽرن پاران تقرير جو موقعو نه ملڻ تي اڻ اعلانيل ايوان مان واڪ آئوٽ، پ پ پ سينيٽر ميان رضا رباني ميثاق جمهوريت تي نظرثاني ڪري ان ۾ وڌيڪ شيون شامل ڪرڻ، ادارن وچ ۾ ڊائلاگ شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي ڳالهين واري عمل کي شروع ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي سموري ايوان تي ٻڌل ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب  نواز ليگ جي رانا مقبول جو چوڻ هو ته لنڊن ۾ عورت وزير کي حراسان ڪيو ويو، هي مامرو ڪيستائين هلندو رهندو، قانون موجود آهي، جنهن تحت ملڪ جي شهرين سان ڪو پرڏيهه ۾ واقعو ٿيو ته ان کي  ملڪ اندر ٿيل واقعو تصور ڪري سگهجي ٿو، ان قانون تحت لنڊن واري واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي اعجاز چوڌري چيو ته لنڊن ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو سڄي قوم لاءِ فڪر جو لمحو آهي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، هڪ روپوش جوابدار هتان فرار ٿي لنڊن ۾ ويٺل آهي، ملڪ جو ڪرائيم منسٽر ۽ پوري ڪابينا لنڊن وٺي وڃي ويٺل آهي،  حساس مقررين بابت لنڊن ۾ مشاورت ٿي رهي آهي، پي ايم هائوس ۾ آڊيو ليڪ  ٿي اهو سيڪيورٽي ليپس آهي، اها ايجنسي ڪاڏنهن ڏي وئي جنهن کي بهترين ايجنسي چيو ويندو هو، ملڪ جي حساس معلومات ڊارڪ ويب تي وڪرو لاءِ موجود آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر دوست محمد خان چيو ته وزيراعظم خالي ڪشڪول کڻي ويو ۽ خالي ڪشڪول کڻي واپس اچي رهيو آهي، اسان جي هڪ نڪمي وزير جي بيان ڪري پي آءِ اي تي يورپي يونين پابندي لڳائي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻين اڳواڻن خلاف انتقامي ڪاررواين جي سينيٽ ۾ پيش ٿيل رٿ تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي وارا پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله نيازي جي بيڊ روم تائين ويا، ان جي گهر ڀاتين کي حراسان ڪيو ويو، ڪارروائي دوران انهن سان ليڊي پوليس به گڏ نه هئي، اهو شرمناڪ عمل آهي، اهو فاشسٽ رويو آهي، جيڪو هن حڪومت اختيار ڪيو آهي، ميڊيا کي بند ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم هائوس شريف امپائر جي ايگزيڪيوٽو آفيس بڻجي وئي آهي، جتي فيصلا ٿي رهيا آهن ته ڪهڙن پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفا منظور ٿيندي يا نه، هي آمريڪا وڃي مهانگن هوٽلن ۾ رهيا، سوٽ بوٽ پائي ويا، هنن کي ڪير پيسا ڏيندو، هنن جون پنهنجون ملڪيتون ٻاهر پيل آهن، هڪ مفرور اڳوڻي ناڻي وزير کي هڪ وزيراعظم جي جهاز ۾ ويهاري ٻاهر پهچايو ويو، ٻئي وزيراعظم جي جهاز ۾ ويهي واپس اچي رهيو آهي،  آءِ ايم ايف وٽان قرض جي رقم ملڻ کان پوءِ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ هنن کي مستحڪم معيشت ڏني هئي، هي مذهب ڪارڊ استعمال ڪري رهيا آهن، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ عمر چيما، مير شڪيل الرحمان ۽ ٻين تي ظلم ڪيا ويا، هنن جي دور ۾ عورتن کي به معاف نه ڪيو ويو، هنن جو ساڍن ٽن سالن جو دور فسطائيت جو دور هو، هي چڙهائي ڪندا ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، پ پ پ سينيٽر ميان رضا رباني جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي ڳالهه ٻولهه ۾ 26 سالن کان ڪو فرق نه آيو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله نيازي سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪيان ٿو، بنا ليڊي پوليس جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جو عمل به قابل مذمت آهي، 70 جي ڏهاڪي ۾ به سيڪيورٽي اهلڪار ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪمري ۾ داخل ٿيا هئا، جڏهن ان جي گهر واري به ساڻس گڏ هئي، ان وزيراعظم جو عدالتي قتل ٿيو، چونڊيل وزيراعظم کي هٿڪڙيون هنيون ويون، بينظير ڀٽو کي قتل ڪري زمين کي ڌوتو ويو، تسليم ڪريان ٿو ته منهنجي هٿن ۾ اسپرنگ لڳل آهن، جن کي ڪوئي هلائي رهيو آهي، جنهن مسئلي جو واحد حل اهو آهي ته اسان پنهنجي فالٽ لائين کي ڏسون، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ انتهاپسندي، سياسي تقسيم ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار فالٽ لائين آهن انهن جو حل ڳالهيون آهن، سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ميثاق جمهوريت جو نئين سر جائزو وٺي ان ۾ وڌيڪ شيون شامل ڪيون وڃن، جنهن کانپوءِ اداراتي مذاڪرات ڪيا وڃن، ايگزيڪيوٽو ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي چيو وڃي ته پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، ڪوئي ادارو ڪنهن جي حدن ۾ مداخلت نه ڪري، صدر ڳالهين ۾ ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي، ڳالهين جي شروعات سينيٽ ڪري، ان لاءِ پوري ايوان تي ٻڌل ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو وڃي، جڏهن ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر تي ٿيندڙ تشدد واري رٿ تي تقرير لاءِ موقعو نه ملڻ تي حڪومتي سينيٽر ايوان ۾ اڻ اعلانيل واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، عرفان صديقي جو چوڻ هو ته حڪومتي بينچن کي تقرير جو موقعو نه ملي رهيو آهي، ان ڪري اسان اجلاس مان هليا وڃون ٿا.