سياسي غير يقيني معاشي حالتون خراب ڪري رهي آهي

0
182
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪنهن به ملڪ جي معيشت ان وقت تائين بهتر نه ٿي ٿي سگهي جيستائين ان ملڪ ۾  سياسي استحڪام نه هجي.غير يقيني ۽ سياسي عدم استحڪام واري صورتحال ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪنهن به ريت سڌي رستي تي نه ٿيون اچي سگهن.ملڪ جي بهتر معيشت سياسي استحڪام سان ئي ڳنڍيل آهي.اڳوڻي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين تي ٻڌل اتحادي حڪومت سياسي استحڪام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي جنهن سان ملڪ جي معيشت جو بهتري ڏانهن سفر شروع ٿي ويندو ۽ جيڪا مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي ان کي ڪٿي بند ڏئي سگهبو . پر مهينو گذرڻ کانپوءِ به ملڪ ۾ سياسي معاملا اڃا تائين منجهيل آهن ته پنجاب جهڙي وڏي صوبي ۾ آئيني بحران ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿو وٺي  جنهن ڪري سياسي عدم استحڪام جهڙي صورتحال نظر اچي رهي آهي ته ٻئي طرف اڳوڻو وزيراعظم لڳاتار عوامي مهم تي لٿل آهي ۽ اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته نئين چونڊن کانسواءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي هو اهو پيدا ٿيڻ ڏيندو جنهن جي جواب ۾ حڪومت ڄڻ ته ٻڏتر جو شڪار آهي اها ڪجهه ڪرڻ کان به قاصر آهي ته ڪو قدم کڻڻ کان به ڪيٻائي رهي آهي جنهن ڪري ملڪي معاشي حالتون ڏينهن گذرڻ سان وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.

ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ نه ڊالر قابو ٿي رهيو آهي نه ئي اسٽاڪ ايڪسچينج  مستحڪم آهي.هر طرف هڪ معاشي غيريقيني واري صورتحال آهي،جيستائين آءِ ايم ايف ۽ ٻين دوست ملڪن کان مدد پهچي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن.جڏهن ته ملڪ جي وزيراعظم سميت وفاقي ڪابينا جا اڪثر ميمبر مسلم ليگ جي سربراهه سان مشاورت لاءِ لنڊن لٿل آهن، جڏهن ته ڪجهه تجزئي نگار اهو به چئي رهيا آهن ته موجوده حڪومت شايد فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته جلد چونڊن ۾ وڃڻو آهي يا ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪا منصوبابندي ڪرڻي آهي انهي ٻڏتر واري صورتحال سبب حالتون سياسي توڙي معاشي طور ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ ڏانهن وڌي رهيون آهن.جڏهن ته اتحادي حڪومت جي ٻئي نمبر وڏي حصيدار پارٽي جي سربراهه آصف زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪري اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته چونڊ سڌارن سميت ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻ کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو ڪو امڪان ناهي جڏهن ته نواز ليگ جي اڪثر اڳواڻن جو به اهو خيال آهي ته چونڊ سڌارن کانسواءِ چونڊن طرف نه وڃڻ گهرجي جنهن سان ڪو ٻيو بحران پيدا ٿئي.

ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته  ڪنهن به چونڊ ۾ هارائيندڙ ڌر ڌانڌلين جو الزام هڻي احتجاج طرف هلي ويندي آهي. اڳ ۾ معاشي حالتون ڪجهه بهتر هيون جنهن ڪري سياسي عدم استحڪام باوجود به معاشي حالت ضابطي هيٺ رهندي هئي پر هاڻي صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي، جنهن نموني جي معاشي صورتحال آهي ان ۾ ٿورو سياسي عدم استحڪام وڏي معاشي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جڏهن ته اسان جون سياسي ڌريون ملڪي مفادن کان وڌيڪ پنهنجي سياسي ۽ گروهي مفادن کي ترجيح ڏينديون رهيون آهن جنهن جو مثال هن وقت به سامهون آهي ته اهي سياسي ڌريون هڪٻئي سان پارليامينٽ اندر ويهي ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن ته ڇا هن اسيمبلي کي مدو پوروڪرڻ گهرجي يا نئين چونڊن طرف وڃڻ گهرجي، جنهن لاءِ بهرحال سياسي ڌرين کي پاڻ ۾ ڳالهائڻو ته پوندو ڇاڪاڻ ته فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته سياسي فيصلا ڪرڻ ۾ هو ڪوڪردار ادا نه ڪندا، چونڊون ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جو فيصلو سياسي قيادت کي ڪرڻو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي سڄي صورتحال سياسي ڌرين جي دانشمندي لاءِ امتحان آهي ته اهي  پنهنجي سياسي ، گروهي ۽ انفرادي مفادن کي ترجيح ٿا ڏين يا ملڪي مفادن کي آڏو رکي فيصلا ٿا ڪن. ڇاڪاڻ ته احتجاج،انتقام ۽ تنظيمي مفادن کان هٽي ڪري فيصلا نه ڪيا ويا ته سياسي عدم استحڪام ملڪي معيشت کي ايترو نقصان پهچائيندو جو ان کي  ٺيڪ ڪرڻ جو  شايد ئي ڪنهن کي موقعو  ملي سگهي.